اسلام آباد – 12 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان کي لائيف انشورنس پاليسي رکندڙ مرحومن جي پونئيرن کي 1.6 ملين رپين کان وڌيڪ جي ادائيگين جو حڪم ڏنو آهي. ايوان ??در ميڊيا ونگ پاران ??اري پڌرائي موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان پاران وفا??ي محتسب جي فيصلي جي خلاف داخل ڪيل چار جدا جدا پٽيشنز کي رد ڪندي حڪم ڏنو آهي ته انشورنس لائيف پاليسي رکندڙ مرحومن جي گهرڀاتين کي مجموعي طور تي 1.6 ملين رپين جي ادائيگي ڪئي وڃي. ڪارپوريشن لائيف انشورنس پاليسي جي مد ۾ ادائيگين کي رد ڪري ڇڏيو هو ۽ چيو هو ته انشورنس رکندڙ شخص پاليسي وٺڻ وقت پنهنجي بيماري ڄاڻي واڻي لڪائي نه ٿو سگهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفا??ي محتسب جي فيصلي کي برقرار رکندي اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان کي حڪم ڏنو آهي ته اها معاهدي جي ذميوارين کي ضرور پورو ڪري ۽ پاليسي موجب ادائيگي ڪرڻ سان گڏوگڏ وفا??ي محتسب کي ان ??والي سان 30 ڏينهن اندر رپورٽ پڻ جمع ڪرائي. تفصيل موجب شڪيل ظفر خان، محمد نواز، غلام ياسين ۽ تنوير حسين اسٽيٽ لائيف جي لائيف انشورنس پاليسيز ترتيبوار 7 لک، 5 لک، 2 لک 10 هزار ۽ 2 لک رپين ۾ حاصل ڪيون هيون. بعد ۾ پاليسي هولڊرز لاڏاڻو ڪري ويا ۽ انهن جي گهرڀاتين جدا جدا انشورنس ڪليم جمع ڪرايا ته اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان مرحوم پاليسي هولڊرز پاران پاليسي وٺڻ وقت بيماري کي لڪائڻ جي بنياد تي ڪليمز رد ڪري ڇڏيا هئا جنهن تي پاليسي هولڊرز جي گهرڀاتين انصاف جي لاءِ وفا??ي محتسب سان ??ابطو ڪيو. شڪايت ڪندڙن چ??و ته مرحوم ماڻهن کي انشورنس جي پاليسي وٺڻ وقت ڪا بيماري نه هئي ۽ انشورنس ڪليمز کي غيرمنصفاڻي طريقي سان ??د ڪيو ويو آهي. ان ??ي وفا??ي محتسب ڪيسز جي جاچ ڪئي ۽ چ??و ته پاليسي وٺڻ کان ??ڳ پاليسي هولڊرز جو ڪنهن بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ يا ڪنهن بيماري کي لڪائڻ ۽ انشورنس ڪمپني کان ??قيقتون لڪائڻ جا ڪي ثبوت فراهم ڪرڻ اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان ??ي ذميواري آهي. وفا??ي محتسب وڌيڪ چ??و ته انشورنس مختلف ڪيسز ۾ اسٽيٽ لائيف ڪارپوريشن پنهنجي دعويٰ جي ثبوت ۾ ڪي شاهديون يا طبي سرٽيفڪيٽ فراهم نه ڪري سگهي. وڌيڪ چيو و??و ته حقيقت ۾ اسٽيٽ لائيف جي چئني فيلڊ آفيسرن واضح طور تي لک??و ته مرحوم پاليسي وٺڻ وقت صحتمند هئا. وڌيڪ اهو ته وفا??ي محتسب اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان کي حڪم ڏنو ته اها معاهدي جون پنهنجون ذميواريون ادا ڪندي شڪايت ڪندڙن کي پورا پاليسي ڪليمز ادا ڪري. ان کانسواءِ وفا??ي محتسب اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان کي اها به هدايت ڪئي ته اها ميڊيڪل ۽ نان ميڊيڪل پاليسيز جاري ڪرڻ جي پنهنجي طريقيڪار جو پڻ جائزو وٺي ته جيئن سٺي صحت يا بيماري وغيره جي حوالي سان ??ڪ کي پاليسي جي پرپوزل جي موقعي تي ئي جانچي سگهجي. بعد ۾ اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان وفا??ي محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي سامهون جدا جدا پٽيشنز پيش ڪيون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفا??ي محتسب جي فيصلي کي انشورنس آرڊيننس 2000ع جي سيڪشن 80 تحت بحال رکيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاليسي ۾ پيش ڪيل شاهديون يا ميڊيڪل آفيسرز جي رپورٽ کي ٻن سالن کانپوءِ غلط يا نامڪمل نه سمجهيو ويندو. هن وڌيڪ چ??و ته اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان پاران پيش ڪيل دستاويز مرحومن جي انشورنس حاصل ڪرڻ ک??نپوءِ جي بيماري بابت آهن ۽ اهڙي طرح جا ڪي دستاويز فراهم نه ڪيا ويا جنهن مان ??ابت ٿئي ته پاليسي حاصل ڪرڻ وقت هو ڪنهن بيماري جو شڪار هئا. صدر لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جو پڻ حوالو ڏنو جنهن ۾ عدالت ذهني دٻاءُ، شگر جي مختلف قسمن جي بنياد تي انشورنس ڪليمز کي رد نه ٿو ڪري سگهجي. عدالت پنهنجي آرڊر ۾ چ??و ته عوام جي اڪثريت اهڙي قسم جي بيمارين ۾ مبتلا آهي جڏهن ته ٻيا ماڻهو به انتهائي محتاط رويو اختيار ڪن ٿا ته جيئن بيمارين کان ??چي سگهجي. هاءِ ڪورٽ چيو هو ته اهڙي قسم جي ڪنهن بيماري کي لڪائڻ فراڊ قرار نه ٿو ڏئي سگهجي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ لک??و ته ڪيسز جي حقيقتن جي روشني ۾ اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان ??ي پيش ڪيل پٽيشنز رد ڪيون وڃن ٿيون ۽ حڪم ڏنو ته اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان 30 ڏينهن جي اندر وفا??ي محتسب جي فيصلي تي عملدرآمد ڪري رپورٽ جمع ڪرائي.