رياض – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سعودي عرب سان ??اڳاپن کي گهري، اسرندڙ ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ بدلائڻ چاهيون ٿا. اها ڳالهه هن پاڪستان سعودي عرب سي??پڪ??ري فورم جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته گڏيل عقيدي ۽ قدرن تي ٻڌل دوستي ۽ اخوت جي رشتن ۾ ٻڌل اها مضبوط حصيداري ٻنهي ملڪن جي قيادتن جي وچ ۾ سالن کان ??لندي پئي اچي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان جي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڏهاڪن کان ??يستائين ??صوصي ٻنڌڻ قائم رهيو آهي. اسان جي سچي دل سان خواهش آهي ته افغان ??اڳاپن کي گهري، وڌندڙ ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ بدلايو وڃي. پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي نئون پاڪستان ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي سعودي عرب جي لاءِ ويزن 2030ع جي بنيادي سماجي ۽ معاشي مقصدن ۾ انتهائي هڪ جهڙائي موجود آهي. پرڏيهي وزير وزيراعظم جي نئون پاڪستان ??يزن کي اجاگر ڪندي چيو ته اسان جيو پوليٽيڪس کان جيو اڪنامڪس طرف تبديلي تي يقين ??کون ٿا. ٻيو اسان ??لڪ جي اندر ۽ ٻاهر امن چاهيون ٿا ته جيئن اسان ??نهنجي سماجي ۽ معاشي ترقي جي ايجنڊا تي ڌيان ڏئي سگهون. ٽيون اسان ترقي رکندڙ حصيداري جا خواهشمند آهيون جنهن ۾ واپار، معاشي رابطن ۽ رابطا وڌائڻ تي ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن اسان جي خطي کي خوشهالي سان ??مڪنار ڪرڻ ۾ مدد ملي. انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان ڪوششون ڪري رهيا آهيون ته پاڪستان کي معاشي سرگرمين ??ي مرڪز ۽ مثبت عالمي مفادن جي پرڪشش مقام طور پيش ڪريون. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پرڏيهي سي??پڪ??رن خاص طور تي سعودي عرب جي سي??پڪ??رن کي پاڪستان ۾ سي??پڪ??ري سان حاصل فائدن ۽ ثمرن کي اجاگر ڪندي چيو ته پاڪ چين ??قتصادي لنگهه (سي پيڪ) وسيع تر پهچ ۽ خطن کي ڳنڍڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي جنهن ۾ واپاري رابطا ۽ ڍانچي جي ترقي، رستن جي نيٽ ورڪ، ريل ۽ فائبر آپٽڪ ڪيبل، توانائي پائپ لائينز ۽ توانائي پيدا ڪرڻ جا منصوبا شامل آهن. سي پيڪ جو ٻيو مرحلو صنعتي جديديت، زراعت ۽ سماجي معاشي ترقي تي ڌيان جو حامل آهي. خصوصي اقتصادي زونز جي لاءِ حڪومت خصوصي مراعتون ڏئي رهي آهي جنهن ۾ 100 سيڪڙو منافعو کڻي وڃڻ جي اجازت، ٽيڪس ۽ ڪسٽم کان ڇوٽ ۽ ڪيپيٽل سامان جي امپورٽ شامل آهي. گوادر بندرگاهه هوٽل، بئنڪنگ، انشورنس، فنانشنل ليزنگ، لاجسٽڪس، اوورسيز ويئر هائوس، خوراڪ ۽ تيل جي پراسيسنگ، مڇيءَ جي مصنوعات جي پراسيسنگ ۽ اليڪٽرانڪ شڊين ??ي تياري سميت مختلف شعبن ۾ سي??پڪ??ري جا پرڪشش موقعا فراهم ڪري ٿي. سعودي عرب جي سي??پڪ??رن لاءِ پاڪستان جي زرعي ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ سي??پڪ??ري جا نمايان ۽ ٺوس موقعا ۽ ترغيبات موجود آهن. پاڪستان ۾ سياحت جي شعبي ۾ سي??پڪ??ري سان ??نهي ملڪن کي گڏيل ثمر ملي سگهن ٿا. پاڪستانين ??عودي عرب جي انفراسٽرڪچر جي ترقي ۾ مثبت ۽ تعميري ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ڏهاڪن کان خدمتن جي شعبي ۾ حصو وڌو آهي. هو سعودي ويزن 2030ع کي شرمنده تعبير ڪرڻ ۾ پڻ ڀرپور تعاون فراهم ڪري سگهن ٿا. پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته سي??پڪ??ري فورم، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سي??پڪ??ري تعاون ۾ وڌيڪ تحرڪ ۽ تيزي آڻيندو ۽ ان جي نتيجي ۾ سي??پڪ??رن ۽ ڪاروباري شخصيتن ۾ موجود ان ??م آهنگي ۽ ويجهي حصيداري عمل کي وڌيڪ سگهه م??ندي جيڪا ٻنهي ملڪن جي قيادت جي وچ ۾ اڳ کان ??وجود آهي.