اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وفاق جي بار بار چوڻ جي باوجود سنڌ حڪومت سرڪاري ڪڻڪ رليز نه ڪري رهي آهي، ان سان سنڌ ۾ ڪڻڪ 2400 ??وپ??ا مڻ ۽ 20 ڪلو جو اٽي جو ٿيلهو 1500 ??وپ??ن تائين پهچي چڪو آهي، بلاول حڪومت سنڌ جي عوام کي ما??يا جي رحم ??رم تي ڇڏي ڏنو آهي، عوام طرفان راءِ اچي ٿي پر اهڙي قدمن طرف نه وينداسين جنهن سان غير جمهوري رويو سامهون اچي، وفاق سنڌ جي عوام کي نه پهرين اڪيلو ڇڏيو آهي ۽ نه هاڻي اڪيلو ڇڏيندو. هو بحري معاملن واري خاص مددگار محمود مولوي ۽ سنڌ ما?? ايم اين اي سيف الرحمان سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ ۽ اٽي جي ??عاملي ۾ عوام تي ظلم ڪري رهي آهي، سنڌ حڪومت هر سال عوام جي ??يڪس ما?? خريداري ڪئي، سرڪاري ڪڻڪ وقت سر رليز ناهي ڪندي، هن چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ سرڪاري اگهه 1950 ??وپ??ن تي ڪڻڪ وقت سر جاري ڪئي وئي، ان سان اٽي جي ??يمتن ۾ استحڪام رهيو، اڄ به پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1100 ??وپ??ن جو آهي، هن چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ ۾ 13 سالن کان حڪومت ڪري رهي آهي، سنڌ جي عوام سان دشمني جاري آهي، بلاول زرداري جي سنڌ حڪومت عوام کان ٻن ويلن جي ??اني به کسي رهي آهي، هن چيو ته 5 آڪٽوبر تي غذائي تحفظ واري وزارت سنڌ حڪومت کي سرڪاري ڪڻڪ رليز ڪرڻ لاءِ ٻيهر خط لکيو پر اڃان تائين ان تي عمل ناهي ٿيو. سنڌ حڪومت کي ڪو فرق نٿو پوي عوام کي ڪڻڪ، اٽي ما??يا جي رحم ڪرڻ تي ڇڏي ڏنو آهي، سنڌ حڪومت پاران سرڪاري ڪڻڪ وقت سر رليز نه ڪرڻ جي ڪري اڄ سنڌ ۾ ڪڻڪ 2400 ??وپ??ا في مڻ ۽ اٽي جو 20 ڪلو جو ٿيلهو 14 سو کان 15 سئو ??وپ??ن ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي ان جا ذميدار سنڌ حڪومت ۽ بلاول آهن، اهي وقت اگهه وٺندڙ ما??ياز جي ??ٺڀرائي ڪري رهيا آهن. بلاول ٻڌائي آخر ڪيستائين سنڌ جي عوام کي ما??يا جي رحم ڪرڻ تي ڇڏيندو، پنجاب جي آبادي سڀ کان وڌيڪ آهي، ان جي باوجود سرڪاري ڪڻڪ وقت سر جاري ڪئي ۽ نتيجا اٽي جون قيمتون گهٽ آهن، سنڌ حڪومت کان مطالبو آهي ته فوري طور تي سرڪاري ڪڻڪ رليز ڪري، سنڌ حڪومت ٻڌائي ته سرڪاري ڪڻڪ ڪٿي آهي، پاڻ چوري ڪندا آهن ۽ هڻندا ڪوئن تي آهن، سنڌ جا ڪوئا به 13 ارب ??وپ??ن جي ڪڻڪ کائي ويا، پيپلزپارٽي حڪومت جو چوري ڪيل پئسي ما?? پيٽ ڪڏهن نه ڀرجندو، هن چيو ته موجوده حڪومت ڏيڍ سال ۾ 30 ارب ??وپ??ن جي سبسڊي ڏني، هڪ ڪروڙ 20 لک ماڻهن کي سڌو سنئون سبسڊي ڏيڻ وڃي رهيا آهيون، طريقيڪار طئي ٿي رهيو آهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت کي ٽن سالن ۾ اين ايف سي جي ??د ۾ 19 سئو ارب ??وپ??ا فراهم ڪيا آهن، ٻڌايو وڃي ته اهي ڪٿي استعمال ٿيا، هن چيو ته ڪراچي ٽرانسفرمشن پلان، گرين لائين بس سروس، ايئرپورٽ، نالن جي ري ماڊلنگ?? ڪراچي فريٽ ڪوريڊور، سرڪلر ٽرين، اندروني سنڌ ترقي منصوبن تي وفاق ڪم ڪري رهيو آهي، احساس ڪيش پروگرام تحت سڀني کان وڌيڪ 66 ارب سنڌ جي عوام ۾ ورهايا ويا، هن چيو ته 1967ع کانپوءِ پاڪستان ۾ ڪو وڏو ڊيم نه ٺهيو اسان جي حڪومت 10 وڏن آبي ذخيرن تي ڪم ڪري رهي آهي، هن چيو ته نومبر کان فيبروري وڌيڪ بجلي استعمال ڪندڙن کي 5 کان 7 ??وپ??ا في يونٽ سبسڊي ڏيندي.