اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تاجڪ??تا?? جي صدر امام علي رحمانوف جي دعوت تي 16 کان 17 سيپٽمبر تي تاجڪ??تا?? جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو. هڪ اعليٰ سطحي وزارتي وفد به وزيراعظم عمران خان سان گڏ هوندو، وزيراعظم جو وچ ايشيا جو اهو ٽيون دورو هوندو، جنهن سان خطي جي ملڪن سان گڏ پاڪ??تا?? جي وڌندڙ لاڳاپن جي عڪاسي ٿئي ٿي، وزيراعظم عمران خان دوشنبي ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي 20 هين سربراهي اج??اس ۾ شرڪت ڪندو، ان کان اڳ هن 13 ۽ 14 جون 2019ع تي ڪرغز جمهوريه جي گادي واري شهر بشڪيڪ ۾ ٿيندڙ ايس سي او جي سربراهي اج??اس ۽ 10 نومبر 2020ع تي وڊيو ڪانفرنس جي ذريعي روس جي ميزباني ۾ سربراهي اج??اس ۾ شرڪت ڪئي هئي. شنگهائي تعاون تنظيم هڪ 8 رڪني مستقل عالمي علائقائي تنظيم آهي جنهن کي 15 جون 2001ع تي شنگهائي ۾ قائم ڪيو ويو هو، پاڪ??تا?? 2005ع ۾ ايس سي او هو مبصر ۽ جون 2017ع ۾ آ??تا??ه سربراهه اج??اس ۾ تنظيم جو مڪمل ميمبر بڻيو. روس، چين، ڀارت ازبڪ??تا??، ڪازڪ??تا??، جمهوريه ڪرغز ۽ تاجڪ??تا?? ايس سي او جا ٻيا ميمبر ملڪ آهن، شنگهائي تعاون تنظيم ۾ ايران، مينگوليا، بيلاروس ۽ افعان??تا?? مبصر جڏهن ته آذربائيجان، آرمينيا، ڪمبوڊيا، نيپال، ترڪي ۽ سريلنڪا ڊائيلاگ پارٽنر جي حيثيت سان شامل آهن، وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي اج??اس جي موقعي تي ٻين شريڪ ميمبرن سان ٻه طرفي ملاقاتون به ڪندو، ايس سي او سربراهه اج??اس ۾ شرڪت کانپوءِ وزيراعظم تاجڪ صدر سان ملاقات ڪندو. ٻنهي اڳواڻن جي ڳالهه ٻولهه ٻه طرفي لاڳاپن جي سڀني رخن جو احاطو ڪندي جنهن ۾ علائقائي رابطن تي خصوصي ڌيان سميت واپاري، اقتصادي ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي وڌائڻ شامل آهي، ٻئي ملڪ ان کان اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ داخل ٿيڻ جي مضبوط عزم جو اظهار ڪري چڪا آهن. وزيراعظم عمران خان پاڪ??تا??، تاجڪ??تا?? بزنس فورم جي پهرين اج??اس جو افتتاح به ڪندو. جنهن جي لاءِ پاڪ??تا??ي واپارين جو هڪ گروپ دوشنبي جو دورو ڪندو، جوائنٽ بزنس فورم وڌندڙ واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي متحرڪ ڪندو ۽ ٻنهي پاسن کان واپاري برادري جي وچ ۾ ڪاروباري رابطن کي فروغ ڏيندو. ان موقعي تي پاڪ??تا??، تاجڪ??تا?? گڏيل بزنس ڪائونسل جو اج??اس به ٿيندو، پاڪ??تا?? ۽ تاجڪ??تا?? جي وچ ۾ گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ثقافت جي رشتن تي ٻڌل ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ خطي ۾ معاشي ترقي، امن ۽ سلامي ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ لاءِ گڏيل خيال ۽ هڪجهڙي خواهش رکندا آهن، وزيراعظم عمران خان جو اهو دورو وچ ايشيا سميت ”ويزن سينٽرل ايشيا“ پاليسي تحت پاڪ??تا?? جي گهري لاڳاپن جو حصو آهي جنهن ۾ سياسي لاڳاپا، واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي ۽ رابطن کانسواءِ سيڪيورٽي ۽ دفاع جي 5 اهم شعبن تي ڌيان ڏنو ويو آهي.