اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جمعي ڏينهن ترڪي ۾ فلسطين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر رياض المالڪي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻه طرفن ناتن، خطي جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي غور ويچ??ر ڪيو ويو. فلسطين جي پرڏيهي وزير فلسطين ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان شاهه محمود قريشي کي آگاهه ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته فلسطين جو مسئلو وچ اوڀر ۾ بيچينيءَ جو بنيادي سبب آهي، پاڪستان 1967ع کان اڳ جي سرحدي صورتحال ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن جي روشنيءَ ۾ فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل جو حامي آهي. پاڪستان، فلسطيني عوام جي حق خوداراديت جي جدوجهد جي حمايت ڪري ٿو. پرڏيهي وزير فلسطين جي هم منصب کي فلسطين جي پُرامن مسئلي جي حل لاءِ ??اڪستان طرفان ڪيل سفارتي ڪوششن کان آگاهه ڪيو ۽ فلسطين جي مسئلي تي او ??ءِ سي ۽ عرب ليگ جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. پرڏيهي وزير وزيراعظم عمران خان، پاڪستاني عوام طرفان فلسطيني قيادت ۽ عوام سان يڪجهتيءَ جو اظه??ر ڪيو. پرڏيهي وزير شرٽ جو تحفو فلسطيني پرڏيهي وزير کي پيش ڪيو جنهن تي لکيل هو ”اي ارض فلسطين مين بهي حاضر هون“.