اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) وف??قي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سڀاڻي سکر ۾ سنڌ جي لاءِ 446 ارب روپين جي ميگا ترقياتي پيڪيج جو اعلان ڪندو، خميس ڏينهن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ا??ا وڏي رقم ڪراچي پيڪيج جي 1100 ارب روپين کان جدا هو??دي. ايندڙ 2 سال انشاءُ الله سنڌ جي ترقي جا سال هو??دا. تحريڪ انصاف سنڌ جي عوام جي محرومين جي خاتمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي.