اسلام آباد – 11 آڪٽوبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وز??ر اسد عمر ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته حڪومت وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي ٻيهر لاڳو ڪري ڇڏي آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته گذ??يل 6 هفتن ۾ مثبت ڪيسن جو سراسري 2 سيڪڙو هو جڏهن ته گذ??يل هفتي اها شرح 2 سيڪڙو کان وڌي وئي آهي، جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي.