اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) پارلياماني ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي چيو آه?? ته ڪشمير ۽ جوهري پروگرام تي ڪو به ٺاهه نٿو ٿي سگهي، انهن ٻنهي معاملن تي پاڪستان جي سمورين سياسي پارٽين جي وچ ۾ مڪمل اتفاق راءِ آه??. ”اي پي پي“ ۽ ريڊيو پاڪستان کي ڏنل پينل انٽرويو ۾ هن چيو ته ڪشمير ۽ جوهري پروگرام تي ڪا به سياسي پارٽي يا اڳواڻ ٺاهه نٿو ڪري سگهي، اهي ٻئي معاملا پاڪستان جي تذويراتي پاليسين سان جڙيل آه?? ۽ اهي پاڪستان جو بنياد ۽ نظ??يي جي لاءِ ضروري آه??. هن چيو ته پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي آزادي جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آه?? ۽ وزيراعظم عمران خان جيڪو ڪشميرين جو سفير آه?? ۽ هن ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جو مسئلو هر فورم تي اٿاريو آه?? ۽ ان جي نتيجي ۾ اسلامي ملڪن جي تنظيم او آءِ سي، ترڪي، ايران ۽ ملائيشيا ڪشميرين جي لاءِ آواز بلند ڪرڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو.