اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس جي مريضن جي لاءِ بيڊز ۽ آڪسيجن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدمن تي اطمين??ن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته علائقائي ۽ عالمي تجربي کي سامهون رکندي اها ڳالهه ??اض?? ٿي وئي آهي ته ڪورونا جي روڪٿام جي حوالي سان اختيار ڪيل ??ڪم?? عملي جا بهتر نتيجا سامهون آيا آهن، سمارٽ لاڪ ڊائون جي ??ڪم?? عملي تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مقامي اڳواڻن ۽ ڪميونٽي جي شموليت کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ٽائيگر فورس جون خدمتون به حاصل ڪيون و??ن. ??ن اهڙن خيالن جو اظهار ملڪ ۾ ڪورونا جي صورتحال ۽ وائرس جي روڪٿام جي حوالي سان اختيار ڪيل ??ڪم?? عملي جي حوالي س??ن جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڪورونا جي صورتحال، سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ آڪسيجن بيڊز جي انگ ۾ اضافي جي صورتحال، آڪسيجن جي طلب ۽ سپلاءِ، ملڪ جي وڏن شهرن جي متاثر علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ ۽ عيدالاضحيٰ جي حوالي سان تيار ڪيل ايس او پيز بابت معاملن تي تفصيلي غور ڪيو ويو. وزيراعظم ک?? چئني صوبن، آزاد ڄمن ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتست??ن جي اسپتالن ۾ ڪوويڊ جي لاءِ مخصوص بيڊز جي انگ ۾ اضافي جي لاءِ ڪيل ڪوششن ۽ هيستائين جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي.