اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت ب??بت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته هن وقت ڪورونا وائرس دنيا ج?? 186 ملڪن ۾ پکڙجي چڪو آهي ۽ 2 لک 77 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جڏهن ته سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب 11431 فوتگيون ٿيون آهن، 2 لک 77 هزار ڪيسن مان 92 هزار مڪمل طور تي صحتياب ٿي چڪا آهن. ڪورونا وائرس سبب صحتيابيءَ جو تناسب 97،98 سيڪڙو آهي. وزيراعظم جي قومي سلامتيءَ بابت صلاحڪار ڊاڪٽر مع??د يوسف ۽ اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضال سان گڏ ميڊيا بريفنگ کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت ڪورونا وائرس جي شڪي ڪ??سن جو انگ 4046 آهي.