اسلام آباد – 20 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪرونا وائرس کان بچاءُ بابت عوامي آگاهي لاءِ سياسي پارٽين ۽ ميڊيا جي مثبت ڪرد??ر کي ساراهيندي چيو آهي ته نوجوان مشڪل وقت ۾ ماڻهن جي مدد لاءِ تيار ٿي وڃن، ڊاڪٽر ان جدوجهد ۾ اسا?? جو هر اول دستو آهن، مون کي پورو يقين آهي ته قوم ان آزمائش ۾ وڌيڪ مضبوط ٿي اڀرندي، ڪرونا وائرس کان بچاءُ ۽ ان باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجي وڊيو پيغام ۾ صدر چيو ته ڪرونا وائرس سان اسان کي انفرادي ۽ اجتماعي طور تي وڙ??ڻو آهي، ان مقصد جي لاءِ هن پنهنجي پاران اختيار ڪيل احتياطي تدبيرن جي باري ۾ به آگاهي ڏن?? ۽ ??يو ته ملڻ جُلڻ ۾ احتياط ڪيو پنهنجي هٿن ۽ منهن جي صفائي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي.