اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس ??ا??ق اعواڻ چيو آهي ته افغان امن معاهدي سان وزيراعظم عمران خ??ن جي ڳالهه ٻولهه ذريعي مسئلن جي حل جي موقف جي تائيد ٿ??ي ٿي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ خاص مددگار چيو ته وزيراعظم عمران خان سدائين اهو چيو آهي ته ڳالهيون ئي گڏيل تڪرارن جي حل جو واحد رستو آهن.