ڊيووس – 22 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ فوري طور تي جنگ جو خطرو نه آهي، خدشو آهي ته ڀارت پلواما طرز جو حملو ڪري پاڪستان کي ذميوار بڻائي سگهي ٿو، ڀ??رت سان سمورا تڪرار پرامن طريقي سان حل ڪرڻ چاهيون ٿا، ڪشمير تسليم ٿيل عالمي تڪرار آهي، ان تي گڏيل قومن جون 11 قراردادون موجود آه??، پاڪستان ۽ آمريڪا جي ??اڳ??پا فروغ وٺي رهيا آه??، پاڪستان افغانستان جي صورتحال کان متاثر ٿيندو آهي، افغانستان ۾ امن ٿيندو ته وچ ايشيا تائين واپار ممڪن ٿيندو، آمريڪا سمجهي ٿو ته افغانستان جي مسئلي جو حل طاقت جي استعمال سان ممڪن آهي پر آخرڪار ان کي ڳالهيون ??رڻيون پيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي ميڊيا ڪائونسل کي خطاب ڪندي ڪيو