اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي چيو آهي ته خصوصي ماڻهو معاشري جو اهم ۽ قابل قدر حصو آهن ۽ ت??ليم سم??ت زندگي جي سم??رن شعبن ۾ انهن جي حقن کي يقيني بڻائڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ احساس پروگرام تحت معذوري جي خا??مي ۾ سول سوسائٽي جي ڪردار بابت هڪ پريزنٽيشن جي صدارت ڪندي ڪيو.