پشاور – 28 ڊسمبر (اي ??ي ??ي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قب??ئل?? علائقن جي انضمام جو اصل مقصد اتي جي عوام کي ملڪ جي ٻين علائقن جهڙيون سهولتون ??را??م ڪرڻ آهي، بدقسمتي سان ماضي ۾ هتي جي عوام کي نظر انداز ڪيو ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته قب??ئل?? علائقن ۾ ڪاروبار جا موقعا وڌائڻ تي ڌيان ڏيو جنهن سبب علائقي ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ علائقي جي سماجي ۽ معاشي ترقي ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان پشاور جي دوري جي موقعي تي خيبرپختونخوا جي صوبائي ڪابينا جي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو.