جنيوا – 17 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن ۽ عالمي برادري کان والاريل ڪشمير جي صورتحال ۽ ڀارت ۾ تڪراري شهريت بل جي منظوري جو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته دنيا ڄاڻي وٺي ته ڀارت ۾ پناهگيرن جو هڪ وڏو بحران جنم وٺي رهيو آهي، 5 آگسٽ کان والاريل ڪشمير جي 80 لک عوام قيد آهي، ڄاڻي واڻي مسلمان ??ڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اهڙن خيالن جو ??ظه??ر هن پناهگيرن ب??بت عالمي فورم کي خطاب ڪندي ڪيو، وزيراعظم چيو ته پناهگيرن ب??بت پهرين عالمي فورم جي انعقاد تي خوشي ٿي.