اسلام آباد-30 ڊسمبر (اي پي پي) 52هين ڪامن ٽريننگ پروگرام جي انتظام هيٺ آفيسرن جي هڪ گروپ قانون ۽ انصاف و??ري وزارت جو دؤرو ڪيو. وزارت موجب انتظام هيٺ آفيسرن جو اهو دؤرو پيشيوراڻي تربيت جي هڪ حصي طور تي هو. وزارت جي دؤري دوران تربيت هيٺ آفيسرن جي گروپ قانون ۽ انصاف و??ري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان ملاقات ڪئي، جنهن پاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني کي وڌ??ئڻ لاءِ وزارت جي ويزن ۽ عزم جي ب??ري ۾ ڳالهه ٻولهه جي مٽاسٽا ڪئي. اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف وارو سيڪريٽري راجا نعيم اڪبر، ايڊيشنل سيڪريٽري اويس نعمان ڪنڊي ۽ سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري زينت احمد به موجود هئي. ان دؤري ۾ وزارت جي متنوع ڪمن خاص طور تي جاچ، ڊرافٽنگ ۽ قانونسازي جي ڪردار ب??ري ۾ تفصيلي بريفنگ شامل هئي. راجا نعيم اڪبر مُک قانوني فريم ورڪ جي ب??ري ۾ تفصيلي پريزينٽيشن فراهم ڪئي جنهن ۾ صارفين جي تحفظ جي قانونن کي مضبوط بن??ئڻ ۽ ملڪيتن جي حقن کي اڳيان وڌ??ئڻ ۾ وزارت جي ڪوششن کي اجاگر ڪيو ويو. سيشن جو هڪ اهم حصو فوجد??ري قانون ۾ ج??ري سڌارن لاءِ وقف هو، جنهن جو مقصد شهرين لاءِ انصاف جي و??يڪ اثرائتي نظام جي جوڙجڪ آهي. تربيت هيٺ آفيسرن کي قانوني طريقيڪار کي جديد بن??ئڻ ۽ سمورن شهرين لاءِ انصاف تائين پهچ کي يقيني بن??ئڻ لاءِ وزارت جي اسٽريٽجڪ قدمن جي ب??ري ۾ ٻُڌايو ويو. هي دؤرو تربيت هيٺ آفيسرن لاءِ وزارت جي ڪاررواين ۽ پاليسين جي جوڙجڪ ۽ عملدرآمد ۾ ان جي اهم ڪردار کي جامع طور تي سمجهڻ جو سٺو موقعو هو. بريفنگ ۾ انصاف ۽ احسن حڪمرانيءَ جي طرز جي اصولن کي برقرار رکڻ لاءِ مختلف سرڪ??ري کاتن وچ ۾ سهڪار جي اهميت تي به زور ڀريو ويو.