اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان حڪومت ملڪ مان انساني اسمگلنگ جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي، هڪ هفتي جي اندر انساني اسمگلنگ جي مڪروهه ڌنڌي ۾ ملوث سمورن ماڻهن کي حراست ۾ ورتو وڃي ۽ انهن جي خلاف ق??نو??ن ڪارروائي ڪئي وڃي، گهرو وزير جي سربراهي ۾ انساني اسمگلنگ جي خاتمي جو پ??ئي??ار حل ڳولڻ جي لاءِ ڪميٽي جوڙي وڃي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم جي صدارت ۾ ملڪ ۾ انساني اسمگلنگ جي خاتمي جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڊسمبر 2024ع ۾ يونان ويجهو ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي ٻيڙيءَ کي پيش ايندڙ حادثي جي ڏس ۾ مشتاق سکيرا جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. و??ير??عظم جامع رپورٽ جوڙڻ تي مشتاق سکيرا جا ٿورا مڃيا. و??ير??عظم هد??يت ڪئي ته هڪ هفتي جي اندر انساني اسمگلنگ جي مڪروهه ڌنڌي ۾ ملوث سمورن ماڻهن کي حراست ۾ ورتو وڃي ۽ انهن جي خلاف ق??نو??ي ڪارروائي ڪئي وڃي. و??ير??عظم انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف پراسيڪوشن جي عمل کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي هد??يت ڪئي. و??ير??عظم پڇاڻو ڪيو ته انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن جي سهولتڪار سرڪاري آفيسرن جي خلاف هيستائين ڪارروائي ڇو نه ڪئي وئي؟ و??ير??عظم هد??يت ڪئي ته ٻاهرئين ملڪ ويندڙ سمورن ماڻهن جي لاءِ ويزا جي ڇنڊڇاڻ ۽ ٻين قاعدن ۽ ضابطن کي موثر بڻايو وڃي، پاڪستان حڪومت ملڪ مان انساني اسمگلنگ جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي. و??ير??عظم گهرو وزير جي سربراهي ۾ انساني اسمگلنگ جي خاتمي جي لاءِ پ??ئي??ار حل ڳولڻ جي لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي هد??يت ڪئي. اجلاس ۾ و??ير??عظم کي ملڪ ۾ انساني اسمگلنگ جي خلاف کنيل قدمن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ڊسمبر 2024ع تي يونان ويجهو ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي ٻيڙيءَ کي پيش ايندڙ حادثي ۾ پاڪستانين جي سڃاڻپ ۽ انهن جي لاشن جي وطن واپسي جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر شريڪ هئا.