اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پ??ڏي??ي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اهم گهڻ رخي ۽ ٻطرفي مشنز ۾ پاڪستان جي سفيرن جي اجلاس جي صدارت ڪئي. پ??ڏي??ي سيڪريٽري آمنه بلوچ ۽ ايڊيشنل پ??ڏي??ي سيڪريٽري ۽ وزارت جي سينيئر ڊائريڪٽر جنرلز پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پ??ڏي??ي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب سفيرن علائقائي ۽ عالمي اڳ??را??ي بابت پنهنجي جائزي، خيالن ۽ 2025ع ۽ ان کانپوءِ جي پ??ڏي??ي پاليسي جي ترجيحن تي پنهنجي راءِ پيش ڪئي. ان موقعي تي پنهنجي اهم خطاب ۾ نائب وزيراعظم/ پ??ڏي??ي وزير ٻطرفي ۽ گهڻ رخن ۾ هڪ متحرڪ پ??ڏي??ي پاليسي جو ويزن شيئر ڪيو. هن سڄي دنيا جي ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪندي سفيرن تي زور ڏنو ته ا??ي پاڪستان جي عالمي ساک کي وڌائڻ ۽ ان جي عالمي حصيداري کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. پاڪستان جي سفيرن جو ساليانو اجلاس پ??ڏي??ي وزارت ۾ هڪ باقاعده ايونٽ آهي جنهن ۾ پاڪستان جي پ??ڏي??ي پاليسي جي مختلف رخن ۽ ان کي ٺوس لاڳو ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وڃي ٿي.