پشاور-25 ڊسمبر (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ڪرسمس جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ملڪ خاص طور تي ڪي پي ڪي جي مسيحي برادريءَ کي ڪرسمس جي خوشين تي دلي مبارڪون پيش ڪريون ٿا، ڪرسمن امن، محنت، هڪٻئي جو احترام ڪر?? ۽ خوشيون وِرهائڻ جو ڏڻ آهي. گورنر چيو ته ڪرسمس محبت، امن، رواداري ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏئي ٿو، جيڪي انساني زندگيءَ جا بنيادي اصولن آهن، ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۽ استحڪام ۾ مسيحي برادريءَ جون خدمتون هميشه ت??ري?? جوڳيون رهيون آهن. هن چيو ته اسان جي م??ڪ جو آئين سمورن شهرين کي هڪجهڙا حق فراهم ڪري ٿو، اسان سڀني کي گڏجي هڪ پُرامن، خوشحال ۽ ترقي يافته معاشري جي قيام لاءِ ڪوششون ڪر?? گهرجن. هن چيو ته اسان کي سمورا اختلاف وِِساري هڪ بهتر ۽ هم آهنگ معاشري جي قيام لاءِ ??تحد رهڻو آهي، پاڪستاني هئڻ جي حيثيت سان م??ڪ جي ترقي، امن ۽ محبت کي هٿي ڏيڻ لاءِ ??نهنجي ڪردار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻو آهي.