اسلام آباد- 24 ڊسمبر (اي پي پي) اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي شق 137 ??حت سمورن پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن لاءِ لازم آهي ته اهي پنهنجا، سندن ڪٽنبن جي اثاثن ۽ رهتن جا مالي گوشوارا سال 24-2023ع جا تجويز ڪيل فارم بي مقرر ڪيل تاريخ کان پهرين يا31 ڊسمبر 2024ع تائين اليڪشن ڪميشن وٽ جمع ڪرائين. اليڪشن ڪميشن مطابق سيڪشن 137 ??حت اثاثا ۽ بقايائن جا گوشوارا فراهم ڪرڻ لازمي آهن، هر اسيمبلي ميمبر 30 جون تائين پنهنجا ۽ سندن ڪفالت هيٺ فيملي ميمبرن جا اثاثا ۽ بقايائن جا گوشوارا تجويز ڪيل فارم بي هر سال 31 ڊسمبر کان پهرين يا 31 ڊسمبر تائين اليڪشن ڪميشن وٽ جمع ڪرائي. سيڪشن 137 جي ذيلي شق (2) ??حت هر سال پهرين جنوريءَ جي مقرر تاريخ تائين گهربل گوشوارا جمع نه ڪ??ائيندڙن جا نالا هڪ پريس رليز ۾ شايع ڪيا ويندا. 16 جنوريءَ تي هڪ حڪم ??حت ڪميشن 15 جنوريءَ تائين ڄاڻايل گوشوارا جمع نه ڪ??ائيندڙ پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن رڪنيت معطل ڪئي ويندي ۽ ڄاڻايل گوشوارا جمع نه ڪ??ائڻ تائين اهي پارليامينٽ ۽ اسيمبلي جي ڪنهن به ڪ??رروائيءَ ۾ حصو نه وٺي سگهندا. ان حوالي سان تيار ڪيل هدايت نامو/رهنمائي سان مقرر فارم بي اليڪشن ڪميشن سيڪريٽريٽ اسلام آباد، لاڳاپيل صوبائي اليڪشن ڪمشنر جي آفيس، سينيٽ سيڪريٽريٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سيڪريٽريٽ مان مفت حاصل ڪري سگهجن ٿا. ان کان علاوه اليڪشن ڪميشن جي ويب سائٽ تان به ڊائون لوڊ ڪري سگهجن ٿا.