اسلام آباد-12 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته اسلامي ماليات ۽ اسلامي ڪيپيٽل مارڪيٽس جي مڪمل صلاحيتن مان فائدو کڻڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن اها ڳالهه ڪراچي ۾ ٻي اسلامي ڪيپيٽل مارڪيٽس ڪانفرنس ۽ ايڪسپو کي ورچوئل خطاب ڪندي چئي. ناڻي واري وزير چيو ته ملڪ ۾ اسلامي ماليات کي هٿي ڏيڻ ۾ سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪم??شن جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. نان بئنڪ مالياتي شعبي ۾ اسلامي ماليات جي حوالي سا?? ريگوليٽري ماحول جي فراهمي، شريعه گورننس فريم ورڪ ۾، شريعه ڪمپلائنس صنعتن ۽ اسلامي مالياتي خدمتن جي فراهمي جي حوالي سا?? به ڪم??شن پنهنجو ڪردار بهترين طريقي سا?? ادا ڪري رهيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ڪم??شن مالياتي معلومات ۽ صلاحيت ۾ بهتري لاءِ به ڪم ڪري رهيو آهي ۽ گذريل ڏينهن ان حوالي سا?? 4 تربيتي ورڪشاپس منعقد ڪرڻ تعريف جوڳا آهن. اسلامي ڪيپيٽل مارڪيٽس جي حوالي سا?? سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪم??شن کي انهي عزم ۽ جذبي سا?? ڪم ڪرڻ س??يت اسلامي ماليات ۽ اسلامي ڪيپيٽل مارڪيٽس جي مڪمل صلاحيت مان فائدو کڻڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان حوالي سا?? اسڪالرز، مالياتي ادارن، ريگوليٽري ادارن ۽ انڊسٽري پريڪٽشنرز کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. جديد اسلامي مالياتي ??صن??عات جي حوالي سا?? به ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن ماڻهن جي ضرورتن موجب انهن کي اسلامي مالياتي خدمتن جي فراهمي کي ممڪن بڻائي سگهجي.