لاهور- 09 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو مع??ملن واري وفاقي وزير محسن نقوي جامعه اشرافيه ۾ وفاق المدارس جي سرپرست اعليٰ مولانا فضل اشرفي ۽ ٻين عالمن سان ملاقات ڪئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ان موقعي تي مولانا فضل رحي?? اشرفي جي خيريت دريافت ڪئي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. گهرو وزير ملاقات ۾ ديني مدرسن جي مع??ملن تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، مدرسن جي مع??ملن تي اسان پنهنجو هاڪاري ڪردار ادا ڪنداسين. هن چيو ته پنجاب ۾ به وفاق جي طرز تي مدرسا تعليم کاتي جي ماتحت هجڻ گهرجن. وفاقي گهرو وزير مدرسن جي حوالي سان هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ جي خاطري تي مولانا فضل رحيم جو ٿورو مڃيو. مولانا فضل رحي?? اشرفي ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي.