اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عوامي ڀلائي جي حوالي سان قانونسازي ۾ سينيٽ جو ڪردار انتهائي اهم آه??، سينيٽ قومي يڪجهتي ۽ صوبائي هم آهنگي ۾ م??حرڪ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان سينيٽ جي ڊ??ٽي چيئرمين سيدال خان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته عوامي ڀلائي جي حوالي سان قانونسازي ۾ سينيٽ جو ڪردار انتهائي اهم آه??، سينيٽ قومي يڪجهتي ۽ صوبائي هم آهنگي ۾ م??حرڪ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ جي ڊ??ٽي چيئرمين ملڪي معيشت جي بحالي جي حوالي سان حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو. سينيٽ جي ڊ??ٽي چيئرمين بلوچستان صوبي جي ترقي ۽ خوشحالي جي حوالي سان وزيراعظم جي قدمن کي ساراهيو.