اسلام آباد – 21 – نومبر (اي ??ي پي) پاڪستان اسرائيلي طرز عمل جي جاچ جي لاءِ گڏيل قومن جي خصوصي ڪميٽي جي تا??ه ترين رپورٽ جي آجيان ڪندي چيو آهي ته رپورٽ ۾ غزه ۾ اسرائيل جي جنگي طريقن کي نسل ڪشيءَ جي ڪاررواين جي طور تي بيان ڪيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان م??تا?? زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اها شهرين جي مارجڻ ۽ لکين فلسطينين تي ڄاڻي واڻي مڙهيل سنگين حالتن جي دستاويز آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪميٽي پاران گڏيل قومن جي فلسطيني پناهگيرن بابت ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي ۽ گڏيل قومن جي خلاف جاري مهم ۽ حملن جي مذمت جي آجيان ڪري ٿو. ترجمان چيو ته اسان کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ گذريل رات جي ووٽنگ ج?? نتيجي ۽ غزه ۾ جنگبندي جو مطالبو ڪرڻ واري قرارداد تي اتفاق راءِ تا??ين پهچڻ ۾ ناڪامي تي افسوس آهي. ترجمان چيو ته اسان فوري، غيرمشروط ۽ مستقل جنگبندي جي پنهنجي مطالبي ۽ انساني امداد تا??ين بنا رڪاوٽ پهچ سميت فلسطيني پناهگيرن جي لاءِ گڏيل قومن جي ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا.