اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاق جي علامت هجڻ جي حوالي سان سينيٽ کي قومي يڪجهتي ۽ صوبائي هم آهنگي ۾ متحرڪ ڪردارادا ڪرڻ گهرجي، پاڪستان مسلم ليگ (ن) پارلياماني گروپ کي ان مقصد جي لاءِ ايوان ۾ موجود سمورين ٻين پارٽين سان مضبوط رابطو رکڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان سينيٽ ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي جي اڳواڻ ۽ سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اس??ين??نگ ڪميٽي جي سربراهه سينيٽر ع??فا?? صديقي وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽر ع??فا?? صديقي سينيٽ ۾ پارلياماني پارٽي جي ڪارڪردگي کان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. هن وزيراعظم کي پرڏيهي معاملن بابت اس??ين??نگ ڪميٽي جي حوالي سان پڻ بريف ڪيو. هن معاشي هدفن جي حوالي سان شاندار ڪارڪردگي تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته سينيٽر ع??فا?? صديقي جي قيادت ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جا سينيٽرز س??راهه جوڳو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، وفاق جي علامت هجڻ جي حوالي سان سينيٽ کي قومي يڪجهتي ۽ صوبائي هم آهنگي ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) پارلياماني گروپ کي ان مقصد جي لاءِ ايوان ۾ موجود سمورين ٻين پارٽين سان مضبوط رابطو رکڻ گهرجي، اڄ جي دور ۾ مضبوط پرڏيهي پاليسي جي اهميت ڪيترائي ڀيرا وڌي چڪي آهي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته سينيٽر ع??فا?? صديقي جي سربراهي ۾ سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اس??ين??نگ ڪميٽي هڪ ٿنڪ ??ين?? جو ڪردار ادا ڪندي حڪومت جي رهنمائي ڪندي.