سرينگر-06 نومبر (اي پي پي) ڪنٽرول ل??ئي?? جي ٻنھي پاسي ۽ سڄي دنيا ۾ ترسيل ڪشميرين گذريل ڏينھن ڄمون جي شھيدن جي ڏھاڙي کي ان عزم سان ملهايو ته خوداراديت جي حق کي حاصل ڪرڻ ت??ئي?? شھيدن جي مشن کي جاري رکنداسين. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق مھاراجه ھري سنگھه جي فرسز، ڀارت جي فوج ۽ ھندو پرست قوتن ڄمون جي مختلف علائقن ۾ لکين ڪشمرين جو ان وقت قتل عام ڪيو ھو جڏھن ڪشميري 1947ع جي پھرين ھفتي ۾ پاڪستان ڏانھن ھجرت ڪري رھيا ھئا. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن ۽ تنظيمن سرينگر ۾ جاري پنھنجي بيانن ۾ ڄمون جي شھيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته انھن جو رت ضايع نه ڪرڻ ڏينداسين. ھن چيو ته ڄمون جي شھيدن ھڪ مقدس مقصد لاءِ پنھنجن جانين جو نذرا??و پيش ڪيو ۽ انھن جي بي مثال قربانين کي وساري نه سگھبو. حريت جي اڳواڻن ۽ تنظيمن چيو ته 1947ع ۾ ڄمون جي مسلمانن جي دل ڏکوئيندڙ نسل ڪشي دنيا جو سڀ کان وڏو سانحو ھو جنھن ۾ لکين مسلمانن کي شھيد ڪيو ويو. هنن چيو ته شھيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بھترين طري??و اھو آھي ته انھن جي مشن کي ??نط??ي انجام ت??ئي?? پھچايو وڃي.