دوحه – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ قطر واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ گڏ??ل تعاون جي فروغ ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان دوحه ۾ وفدن جي سطح تي ملاقات ڪئي. ان کان اڳ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات پڻ ٿي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي وسيع معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات د??را?? ٻنهي اڳواڻن پاڪ – قطر لاڳاپن جي سمورن رخن جو تفصيلي جائزو ورتو. واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ نئين ممڪن تعاون تي پڻ غور ڪيو ويو. ڌرين گڏ??ل اقتصادي هدفن ۽ علائقائي استحڪام جي اهميت تي زور ڏيندي اسٽريٽجڪ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن گڏ??ل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن خاص طور تي اسرائيل پا??ان بيگناهه فلسطينين جي خلاف جاري نسل ڪشيءَ جي جنگ ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم 24 سيپٽمبر 2024ع تي گڏ??ل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين سالياني اجلاس د??را?? قطر جي امير پا??ان پيش ڪيل فلسطين جي معاملي تي قطر جي موقف کي ساراهيو. هن فوري جنگبندي جي لاءِ قطر جي ثالثي ۽ انساني امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته غزه م قتل عام جي فوري خاتمي ۽ امن قائم ڪرڻ کا??سو??ءِ دنيا ۾ خوشحالي حاصل ڪرڻ ممڪن نه آهي. هن چيو ته فلسطين ۾ جاري اسرائيل جي تازي ڏاڍ جو تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي. ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات د??را?? فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي لاءِ وڌيڪ امدادي سامان جي پهچ کي جاري رکڻ جي اهميت تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم قطر جي امير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جو قطر جو دورو ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ مسلسل مضبوط ٿيندڙ حصيداري ۽ تعاون کي سگهه ڏيڻ ۾ هڪ ٻيو سنگ ميل آهي.