اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي ۾ جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ويجهو چيني عملي جي گاڏي تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي آه??. و??يراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دهشتگرد حملي ۾ ٻن چيني شهرين مارجي وڃڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي زخمين کي ترجيحي بني??دن تي طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آه??. و??يراعظم زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئ??. و??يراعظم چيو ته دهشتگرد حملي جي ذميوار دهشتگردن کي جلد کان جلد جهنم پهچايو ويندو. دهشتگرد پاڪستاني نه پر پاڪستان جا دشمن آهن. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ حڪومت مڪمل طور تي متحرڪ آهي. دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين اسان جي دهشتگردن جي خلاف جنگ جاري رهندي.