اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي لاءِ ايشيائي ترقياتي بئ??ڪ جي پر??ڻي حصيداري کي ساراهيندي زراعت سميت ماحولياتي لچڪ جي منصوبن ۾ ترقياتي حصيدارن سان گڏ ڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي گهري خواهش جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته وز??راعظم ۽ ايشيائي ترقياتي بئ??ڪ جي صدر 400 ملين ڊالرز جي سنڌ ايمرجنسي هائوسنگ ري ڪنسٽرڪشن پراجيڪٽ ۽ 320 ملين ڊالر ماليت جي خيبرپختونخواهه ڳوڍ??ڻي روڊز ڊيولپمينٽ پراجيڪٽ جي حوالي سان مسودي تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. وز??راعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف سان ايشيائي ترقياتي بئ??ڪ (اي ڊي بي) جي صدر مساتسوگو آساڪاوا هڪ وفد سان گڏ وز??راعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. پاڪستان جي لاءِ ايشيائي ترقياتي بئ??ڪ جي پر??ڻي حصيداري کي ساراهيندي وز??راعظم اي ڊي بي جي وفد کي پاڪستان حڪومت پاران متع??رف ڪرايل سڌارن جي سلسلي بابت آگاهه ڪيو جن ۾ ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافو، توانائي جي شعبي جي مالي استحڪام کي بهتر بڻائڻ، موسمياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن جي خلاف قدمن، غيرهدف شده سبسڊي ۾ گهٽتائي ۽ سماجي تحفظ کي وڌائڻ شامل آهي. وز??راعظم چيو ته هو انهن سڌارن جي اڳڀرائي جي ذاتي طور تي نگراني ڪري رهيو آهي ته جيئن انهن جي ڪامياب لاڳو ۽ ڊگهي مدي وارن اثرن کي يقيني بڻائي سگهجي جيڪي پائيدار اقتصادي ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ ضروري آهي. وز??راعظم 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي موقعي تي ايشيائي ترقياتي بئ??ڪ پاران 1.5 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي فراخدل??ڻي مدد کي ساراهيو. هن زراعت سميت ماحولياتي لچڪ جي منصوبن ۾ ترقياتي حصيدارن سان گڏ ڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي گهري خواهش جو اظهار ڪيو. ايشيائي ترقياتي بئ??ڪ جي صدر خيالن جو اظهار ڪندي ايشيائي ترقياتي بئ??ڪ سان پاڪستان جي هڪ باني ميمبر جي حيثيت سان ڊگهي وابستگي کي ساراهيو. هن جامع سڌارا آڻڻ تي پاڪستان حڪومت کي ساراهيو ۽ پاڪستان جي لاءِ بئ??ڪ جي مسلسل حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر جي ترقي، ماحولياتي تبديلي جي شعبي ۾ ۽ اداراجاتي سڌارن ۾ تعاون وڌائڻ جي بئ??ڪ جي عزم جي تجديد ڪئي. منصوبابندي، ترقي واري وفاقي وز??ر، سيڙپڪاري ۽ نجڪاري واري وفاقي وز??ر، اقتصادي معاملن واري وفاقي وز??ر، ن??ڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وز??ر ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري عملدارن پڻ ملاقات ۾ شرڪت ڪئي. ملاقات کانپوءِ وز??راعظم ۽ اي ڊي بي جي صدر 400 ملين ڊالرز جي سنڌ ايمرجنسي هائوسنگ ري ڪنسٽرڪشن پراجيڪٽ ۽ 320 ملين ڊالر ماليت جي خيبرپختونخواهه ڳوٺاڻن رستن جي ترقي جي منصوبي جي حوالي سان مسودي تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ايشيائي ترقياتي بئ??ڪ جا اهي ٻئي منصوبا ٻوڏ سان تباهه ٿيل علائقن جي بحالي بابت آهن.