اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اوزون تهه جي تحفظ لاءِ پنهنجي ڪوششن جي جائزي ۽ ان کي جاري رکڻ جي ??نهنجي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان عالمي برادري جي اوزون تهه جي بچاءُ لاءِ عالمي قد??ن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ??ريس ونگ موجب اهڙو اظهار وزيراعظم شهباز شريف، اوزون تهه جي تحفظ جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي ??يغام ۾ ڪيو. هن چيو ته بدقسمتي سان اوزون ته?? کي انساني سرگرمين شديد متاثر ڪيو آهي ۽ ان ۾ گهاري جو سبب بڻيون آهن. هن چيو ته ا??زون تهه ۾ گهاري انسانن سميت ڌرتي تي موجود هر جاندار کي خطري جي ??ر چاڙهي ڇڏيو آهي، تن??ن هوندي به گڏيل قومن تحت ويانا ڪنوينشن ۽ مونٽريال پروٽوڪول ذريعي عالمي ڪوششن جي ??تيجي ۾ اوزون تهه ۾ گهاري کي ڪافي حد تائين گهٽ ڪرڻ ۾ ڪاميابي حوصلي واري آهي. هن چيو ته پاڪستان عالمي برادري جي اوزون تهه کان بچاءُ لاءِ عالمي قد??ن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان 1992ع ۾ مونٽريال پروٽوڪول جي توثيق ڪئي جيڪو اوزون ته?? کي ختم ڪندڙ ڪيميائي مادن (او ڊي ايس) کي مرحليوار ختم ڪرڻ جي اسان جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته تڏهن کان پاڪستان ان حوالي سان نمايان سنگ ميل عبور ڪيا آهن. اوزون تهه جي تحفظ جي ??دمن جي تسلسل کي جاري رکڻ لاءِ حڪومت پاڪستان 1996ع ۾ خصوصي طور تي هڪ نيشنل اوزون يونٽ (اين او يو) قائم ڪيو. ان يونٽ تحت پاڪستان ڪسٽمز، ريفريجريشن ۽ ايئر ڪنڊيشنگ انڊسٽري، واپار واري وزارت، فني ماهر ۽ انجنيئرز، امپورٽ ڪندڙ ۽ واپارين سان پنهنجي گڏيل ڪوششن ذريعي مونٽريال پروٽوڪول جا 11 مرحلا ڪاميابي سان مڪمل ڪيا ويا آهن. پاڪستان 2009ع تائين اوزون ته?? کي متاثر ڪندڙ ڪيميائي مادن جي ??هرين قسم کي مرحليوار ختم ڪري ڇڏيو ۽ جنوري 2020ع تائين ايڇ سي ايف سي ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي جو هدف حاصل ڪري ورتو. وزيراعظم چيو ته ا?? سان گڏوگڏ اسان 2025ع تائين پنهنجي ڪيترين ئي صنعتن کي اوزون دوست ٽيڪنالاجيز تي منتقل ڪري 67.5 سيڪڙو گهٽتائي جي ??دف کي پورو ڪرڻ جي راهه تي تيزي سان گامزن آهيون. وزيراعظم چيو ته ماحولياتي تحفظ جي تعين اسان جو اجتماعي عزم ڀرپور طريقي سان جاري آهي. هن چيو ته آئون ان موقعي تي ماحولياتي تحفظ لاءِ جاري گڏيل قومن لاءِ پنهنجي حڪومت جي ??ختي عزم جو ورجاءُ ڪريان ٿو. اوزون تهه جي تحفظ لاءِ اسان جون اجتماعي ڪوششون ماحولياتي تحفظ لاءِ اسان جي ذميواري ۽ پائيدار ترقي لاءِ اسان جي جذبي جي عڪاسي ڪن ٿيون. وزيراعظم زور ڀريو ته اچو ته اسان هلندڙ سال جي ??وضوع مونٽريال پروٽوڪول- ايڊوانسنگ ڪلائميٽ ايڪشنز تحت ايندڙ نسلن لاءِ ڌرتي جي حفاظت خاطر پنهنجي ??تحده ڪوششن کي جاري رکڻ جو عزم ڪريون.