اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سمورا يوٽيليٽي اسٽ??رز کلي ويا آھن ۽ عوام کي معياري کاڌي پيتي جون شيون رعايتي قيمتن تي فراھم ڪري رھيا آھن. يوٽيلٽي اسٽ??رز ڪارپورشن جي ترجمان جمعي ڏينھن پنھنجي بيان ۾ چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان يوٽيلٽي اسٽ??رز ڪارپوريشن جا سمورا آپريشنز بحال ٿي ويا آھن ۽ سڄي ملڪ ۾ سمورا يوٽيلٽي اسٽ??رز کلي چڪا آھن ۽ عوام کي معياري کاڌي پيتي جون شيون رعايتي اگهن ۾ فراھم ڪري رھيا آھن، يوٽيلٽي اسٽ??رز ڪارپوريشن جي انتظاميا ۽ ڪارڪن نئي جذبي سان عوام جي خدمت ۾ مصروف آھن. ھن چيو ته عوام جي سھولت ۾ اضافي لاءِ يوٽيلٽي اسٽ??رز ڪارپوريشن پنھنجي صارفين کي ڪيترين ئي شين تي خصوصي رعايت پڻ فراھم ڪئي آھي. يوٽيلٽي اسٽ??رز ڪارپوريشن پنھنجا سمورا وينڊرز، سپلائيرز، مينيوفيڪچررز ۽ ٻين روز مره جي استعمال جون شيون سپلائي ڪرڻ وارين ڪم??ني?? جو شڪريو ادا ڪيو جن يوٽيلٽي اسٽ??رز ڪارپوريشن کي عزت ڏني ۽ مشڪل وقت ۾ اسان سان گڏ بيٺل ھئا. يوٽيلٽي اسٽ??رز ڪارپوريشن انھن سمورن اسٽيڪ ھولڊرز، وينڊرز ۽ سپلائرز جو دل سان شڪريو ادا ڪري ٿي.