اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي)ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب بجلي ۽ توانائي جي شع??ي جي نئين سر جوڙجڪ جي حوالي سان حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم جي ويزن موجب ٽن ڊسڪوز جي نجڪاري جي عمل جي شروعات ڪئي وئي آهي، نجي شعبي کي معيشت کي هلائڻ لاءِ قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، حڪومت نجي شعبي کي سهولتن جي فراهمي لاءِ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه هتي ڪي اليڪٽرڪ جي چيئرمين، بورڊ آف ڊائريڪٽرز مارڪ سڪيلٽن سان ملاقات ۾ ڪئي، جنهن ۾ ڪراچي جي رهواسين کي سستي ۽ جٽادار توانائي جي فراهمي يقيني بنائڻ، ڪي اليڪٽرڪ طر??ان ڪراچي جي وڌندڙ توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ ڪمپني کي تجديد جوڳي توانائي جي ذريعن طرف منتقلي جي منصوبن جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي ميمبرن جاويد قريشي، مبشر ايڇ شيخ، مونس علوي، سي اي او عمران قريشي، چيف ريگيوليٽري افيئرز عامر غزيني، چيف فنانشل آفي??ر ۽ ناڻي وزارت جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. ڪي اليڪٽرڪ جي ٽيم ڪراچيءَ ۾ بجليءَ جي قيمت گهٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجي جنريشن مڪس ۾ تجديد جوڳي توانائي جي ذريعن کي شامل ڪرڻ جي منصوبن بابت بريفنگ ڏني. ٽيم ناڻي وا??ي وزير کي ڪراچي جي رهواسين کي بهتر خدمتن جي فراهمي لاءِ ڪي اليڪٽرڪ طر??ان کنيل قدمن کان به آگاهه ڪيو. ناڻي وا??ي وزير چيو ته بجلي ۽ توانائي جي شع??ي جي بهتريءَ لاءِ ڍانچه جاتي سڌارن تي عملدرآمد جاري آهي، ان ۾ ڊسڪوز جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي نئين سر جوڙجڪ، نجي شعبي مان پيشوراڻي مهارت وارن ماڻهن کي آڻڻ، بورڊز جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ۽ مجموعي خدمتن کي بهتر بنائڻ لاءِ سرڪاري نامزدگين جي انگ کي گهٽ ڪرڻ شامل آهي. انهن سمورن سرڪاري ڊسڪوز ۽ جينڪوز ۾ نجي شع??ي جي شرڪت يقيني بنائڻ لاءِ حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته وزيراعظم جي ويزن مطابق 3 ڊسڪوز جي نجڪاري جي عمل جي شروعات ڪئي وئي آهي. هن چيو ته نجي شعبي کي فعال بنائڻ ۽ انهن کي سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. ناڻي وا??ي وزير ڪي اليڪٽرڪ طر??ان توانائي جي پيداوار ۽ ڊسٽري بيوشن جي ڪمن ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ۽ توسيع وارن قدمن کي ساراهيو. هن تجديد جوڳي توانائي جي ذريعن طرف منتقلي ۽ سستي توانائي جي پيداوار لاءِ ڪوششن ۾ حڪومت طر??ان مڪمل تعاون جي خاطري به ڪرائي.