ڪوئيٽا – 29 – آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي سيڪيورٽي ۽ ٻين معاملن بابت عوامي نمائندن معصوم پاڪستانين کي نشانو بڻائيندڙ بزدلاڻي دهشتگرد حملن جي واضح لفظن ۾ مذمت ڪندي دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جو عزم ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پ??را?? ج??ري بيان موجب وزيراعظم مح??د شهباز شريف جي صدارت ۾ بلوچستان جي سيڪيورٽي ۽ ٻين معاملن بابت سمورن عوامي نمائندن جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيه?? وزير اسحاق ڊار، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل، بلوچستان جي وڏ?? وزير سرفراز احمد بگٽي، وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي، واپار و??ري وفاق?? وزير ڄام ڪمال خان، منصوبابندي ۽ ترقي ????ري وفاق?? وزير احسن اقبال ۽ اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاق?? وزير عطاءُ الله تارڙ شرڪت ڪئي. پاڪستان مسلم ليگ (ن) پ??را?? سردار يعقوب خان ناصر ۽ سردار عبدالرحمان کيتران، پاڪستان پيپلزپارٽي پ??را?? ظهور احمد بليدي ۽ مينا بلوچ، نيشنل پارٽي پ??را?? ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ، رحمت صالح بلوچ ۽ مير ڪبير مح??د، بلوچستان عوامي پارٽي پ??را?? خالد حسين مگسي ۽ صادق سنجراڻي، عوامي نيشنل پارٽي پ??را?? زمرڪ خان اچڪزئي ۽ مسٽر اصغر، جمعيت علماءِ اسلام پ??را?? مولانا عبدالواسيع ۽ يونس زهري اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. سياسي پارٽين جي سربراهن بلوچستان جي عوامي مسئلن بابت وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ۽ دهشتگردن جي خلاف ج??ري آپريشنز جو جامع جائزو ورتو ويو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن بلوچستان ۾ تازي دهشتگردي جي متاثرين جي پونئيرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ وڌيڪ معصوم جانين جي زيان کي روڪڻ جي لاءِ وقت سر جواب ڏيڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي س??را??يو. اجلاس ۾ معصوم پاڪستانين کي نشانو بڻائيندڙ بزدلاڻي دهشتگرد حملن جي واضح لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. اجلاس ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جو عزم ڪيو ويو.