اسلام آباد -28 آگسٽ (اي پي پي) سي پيڪ پاڪ??تا?? ۽ چين جي ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل ويجهن ۽ مضبوط لاڳاپن جو مظهر آهي، موجوده حڪومت جي ڪوششن سان سي پيڪ هاڻي ٻئ?? مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي، جنهن ۾ صنعتي ۽ زرعي سهڪار، گوادر جي ??رقي، سماجي ۽ اقتصادي ترقي تي فوڪس ڪيو ويندو، جنهن جا ڏور رس هاڪاري نتيجا حاصل ٿيندا ۽ معاشي ترقي جي ??اهه هموار ٿيندي. رٿابندي واري وزارت جي ??ختيارين مطابق گذريل 10 سالن دوران 200000 سڌي ۽ اڻ سڌي ريت نوڪريون پيدا ڪندڙ 30 کان وڌيڪ منصوبا مڪمل ٿي چڪا آهن ۽ وڌيڪ ترقي جي مختلف مرحلن ۾ آهن، جيڪي جٽادار اقتصادي ترقي لاءِ هڪ آواز جوڙي رهيا آهن. ان کان علاوه 6000 ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي قومي گرڊ ۾ آندي وئي آهي، 809 ڪلوميٽر هاءِ وي ٺاهيا ويا آهن ۽ پاڪ??تا?? جي ??اريخ ۾ پهريون ڀيرو 886 ڪلوميٽر ٽرانسميشن لائينون وڇايون ويون آهن. 10 سال اڳ پنهنجي قائم ٿيڻ بعد سي پيڪ پاڪ??تا?? جي ??نيادي ڍانچي جي منظرنامي کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. آڪٽوبر 2022ع تائين 6370 ميگاواٽ کان وڌيڪ جي مجموعي صلاحيت ج?? 11 منصوبا مڪمل ٿي چڪا آهن. سي پيڪ جي ٻئ?? مرحلي ۾ نه رڳو ان منصوبي جي ??ائره ڪار پر ان جي ??فتار کي به تيز ڪيو ويندو. حڪومت ان منصوبي کي ڀرپور انداز ۾ اڳيان وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي. گڏيل سهڪار کي وڌيڪ اڳيان وڌائڻ لاءِ رٿابندي ترقي ۽ سڌارن واري وزارت ڏينهن رات مصروف آهي، جنهن جو ڪم مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ ۽ مستقبل ۾ سي پيڪ جي منصوبن تي عمل کي يقيني بڻايو ويندو.