راولپنڊي – 07 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثق??فت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته جماعت ??سل??مي جو مطالبو اسان جي ايجنڊا آهي، جماعت ??سل??مي سان ڪيترن ئي معاملن تي اتفاق ٿي ويو آهي، آءِ پي پيز جي معاملن جي ڇنڊ??اڻ جي لاءِ ٽاسڪ فورس قائم ٿي چڪي آهي، سڀاڻي (خميس) ڏينهن شام جو جماعت ??سل??مي سان ڳالهه ٻولهه جي وڌيڪ هڪ ويهڪ ٿيندي. اها ڳالهه هن ڪمشنر آفيس راولپنڊي ۾ جماعت ??سل??مي ۽ حڪومت?? ڳالهين واري ٽيم جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جماعت ??سل??مي سان اڄ مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ڪجهه معاملا لکت ۾ طئي ٿيا آهن. هن چيو ته بجلي جون قيمتون گهٽ ڪرڻ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ايجنڊا آهي، 200 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کي 50 ارب رپين جي سبسڊي ڏني وئي آهي جيڪا جون، جولاءِ ۽ آگسٽ جي مهيني جي لاءِ آهي. هن چيو ته آءِ پي پيز جي معاملن جي ڇنڊ??اڻ جي لاءِ ٽاسڪ فورس قائم ٿي چڪي آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف انهن قدمن تي عمل پيرا آهي. هن چيو ته جماعت ??سل??مي جو مطالبو اسان جي ايجنڊا آهي، ڪيترن ئي معاملن تي اتفاق ٿي ويو آهي، وڌيڪ معاملن تي اتفاق ٿيڻو آهي، سڀاڻي شام جو جماعت ??سل??مي سان وڌيڪ هڪ ويهڪ ٿيندي. هن چيو ته اڄ به ڳالهين ۾ ڪافي اڳڀرائي ٿي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مارچ ڪرڻ جماعت ??سل??مي جو جمهوري حق آهي، حڪومت سهولت فراهم ڪندي. هن چيو ته جماعت ??سل??مي جي سيالڪوٽ ۾ گرفتار ڪارڪنن کي آزاد ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ جماعت ??سل??مي ۽ حڪومت?? ڳالهين واري ٽيم جي وچ ۾ ڪمشنر آفيس راولپنڊي ۾ ڳالهيون ٿيون. حڪومت?? ڳالهين واري ٽيم ۾ اطلاعات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، ڪشمير معاملن ۽ سيفران وارو وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، مسلم ليگ (ن) جو سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ۽ وزيراعظم جو ميڊيا ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز وڙائچ سميت آر پي او راولپنڊي ۽ ڪمشنر راولپنڊي شامل هئا جڏهن ته جماعت ??سل??مي جي وفد جي قيادت لياقت بلوچ ڪئي. ڳالهين ۾ ڪيترن ئي معاملن ت?? ڳالهه ٻولهه ٿي. خميس ڏينهن جماعت ??سل??مي سان حڪومت?? ڳالهين واري ٽيم جون ٻيهر ڳالهيون ٿينديون.