ڪراچي -05 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي، ته ڀارت غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪ??مي?? ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جون سسموريون اٽڪلون آزمائي چڪو آهي، پر مظلوم ڪ??مي??ين جي خودمختياري واري حق جي جدوجهد کي دٻائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ثابت ٿي چڪو آهي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل طرفان جاري بيان مطابق پي پي پي جي چيئرمين يوم استحصال ڪ??مي?? جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڀارت پنهنجي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 (اي) کي رد ڪرڻ ذريعي دنيا ک?? اهو پيغام ڏنو ته هو رياستي ظلم تي يقين رکي ٿو. هن چيو ته ڀارت جي ڄاڻايل قدمن جو مقصد ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪ??مي?? ۾ ڪ??مي??ين جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت پاران کنيل قدمن گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي سمورن عالمي فو??من تي ڪ??مي??ي عوام جي حقن جي وڪالت جي پنهنجي عزم تي ثابت قدم آهي. اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪيون ٿا ته اها ڪ??مي?? ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري ۽ اثرائتا قدم کڻي ۽ ڪ??مي??ي عوام جي خودمختياري واري حقن جي حمايت گڏيل قومن جي ٺهرائن تحت ڪري.