اسلام آباد -14 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزارت اپوسٽيل اٽيسٽيشن لاءِ درخواستون ڏيندڙن جي سهولت لاءِ اسلام آباد، ڪراچي ۽ لاهور ۾ پنهنجي لائز ان آفيس ?? ڪوريئر ڪمپ??ين ذريعي ملندڙ دستاويزن جي تصديق جون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. پرڏيهي وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي، ته درخواستون ڏيندڙ اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي ?? ڪوريئر ڪمپ??ين جي اپوسٽيل ڪليڪشن پوائنٽس جي تفصيلن جي آگاهي حا??ل ڪري فائدو کڻي سگهن ٿا. واضح رهي ته ڪوريئر ڪمپ??ين وٽ پاور آف اٽارني کان علاوه سمورن دستاويزن کي قبول ڪرڻ جو اختيار آهي.