اسلام آباد – 05 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته گذريل 5 سالن ۾ پرنٽ ۽ ال??ڪٽ??انڪ ميڊيا کي 16 ارب 6 ڪروڙ 81 لک 69 هزار 105 رپين جا اشتهار جاري ڪيا ويا، جن ۾ پرنٽ ميڊيا کي 9 ارب 48 ڪروڙ 66 لک 82 هزار 855 رپين جا ۽ ال??ڪٽ??انڪ ميڊيا کي 6 ارب 58 ڪروڙ 14 لک 86 هزار 250 رپين جا اشتهار جاري ڪيا ويا. سينيٽ ۾ سينيٽر سرمد جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 1967ع جي سروسز مينوئل تحت اشتهار جاري ڪيا وڃن ٿا، 2021ع ۾ ايڊورٽائيزمينٽ پاليسي آئي آهي، جنهن ۾ 2022ع ۾ ترميم ڪئي وئي هئي. هن چ??و ته ڪنهن زماني ۾ رڳو پي ٽي وي جي ذريعي ئي اشتهار هلندا هئا. ال??ڪٽ??انڪ ميڊيا جي لاءِ ڪو اهڙو پئم??نو نه هو، جنهن تحت جاچ ڪئي وڃي ته ڪنهن کي ڪيترا اشتهار مليا آهن. ??يٽ??گ نظام پرائيويٽ ميڊيا جو جوڙيل آهي. هن چ??و ته هن وقت ڪنهن به چينل جا اشتهار بند نه آهن، سڀني ٽي وي چينلز کي انهن جي ??يٽ??گ موجب اشتهار ڏنا پيا وڃن. هن چ??و ته اشتهار ۾ جيڪي پيغام ڏنا وڃن ٿا، ان جو مقصد آهي ته اهي موثر طريقي سان ماڻهن تي پهچي سگهن. ال??ڪٽ??انڪ ميڊيا جي حوالي سان ??يٽ??گ جو نظام پنهنجي جڳهه تي موجود آهي، جڏهن ته نيوز پيپر جي حوالي سان آڊٽ بيورو سرڪيوليشن موجود آهي جيڪو اخبارن جي سرڪيوليشن کي چيڪ ڪري ٿو ته ڪهڙي اخبار جي ڪيتري سرڪيوليشن آهي. ان موجب اشتهار ڏنا وڃن ٿا. هن چ??و ته گذريل 5 سالن ۾ پرنٽ ۽ ال??ڪٽ??انڪ ميڊيا کي 16 ارب 6 ڪروڙ 81 لک 69 هزار 105 رپين جا اشتهار جاري ڪيا ويا، جن ۾ پرنٽ ميڊيا کي 9 ارب 48 ڪروڙ 66 لک 82 هزار 855 رپين جا اشتهار جاري ڪيا ويا، جڏهن ته ال??ڪٽ??انڪ ميڊيا کي 6 ارب 58 ڪروڙ 14 لک 86 هزار 250 رپين جا اشتهار جاري ڪيا ويا. هن چ??و ته نيوز پرنٽ ٻاهرئين ملڪ مان درآمد ڪئي وڃي ٿي، ان تي 10 سيڪڙو ڊيوٽي لڳائي وئي، اسان آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي جي مطالبي تي ان ڳالهه کي ڏسندا آهيون ته اخبارون مشڪلاتن جو شڪار آهن، بجيٽ ۾ ان ڊيوٽي کي ختم ڪيو وڃي ۽ اخبارن تي ڪو نئون ٽيڪس نه لڳايو وڃي. هن چ??و ته پاليسي کي وڌيڪ ٺوس ۽ موثر بڻائڻ جي ضرورت آهي. منهنجي خواهش آهي ته اي پي اين ايس جي رهنمائي سان ٺوس ۽ موثر پاليسي کڻي اچون، جنهن تحت سروسز مينوئل به اپ ڊيٽ ٿئي ۽ 2021ع جي ايڊورٽائيزمينٽ پاليسي کي وڌيڪ فعال ۽ موثر بڻايو وڃي.