شينزن – 05 – جون (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه سان سن واڪ گروپ جي وفد شينزن، چين ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڊيجيٽلائي??يش??، ٽيلي ڪام انفراسٽرڪچر ۽ فائبرائ??يش?? جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. سن واڪ وفد آءِ ٽي واري مملڪتي وزير کي گروپ جي پاڪستان ۾ نيشنل آپٽيڪل فائبر پراجيڪٽ جنهن جي شروعات 2021ع ۾ ٿي، تي بريف ڪيو. آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت پاران جاري بيان موجب آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه سن واڪ گروپ کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۽ ان حوالي سان مستقبل جي منصوب??بن??ي کي ساراهيو. شزه فاطمه خواجه چيو ته ڊيجيٽلائي??يش?? جي لاءِ آپٽيڪل فائبر ڪيبل نيٽ ورڪ تمام اهم آهي، موجوده ح??ومت سڄي ملڪ ۾ معياري ٽيلي ڪام سروسز جي فراهمي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. هن سن واڪ گروپ کي ان جي مستقبل جي قدمن ?? پاڪستان حڪومت جي تعاون جي خاطري ڪرائي. ٻئي طرف ناليواري ٽيڪنالاجي ڪمپني زيڊ ٽي اي جي ٽيم آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ انفارميشن ۽ ڪميونيڪشنز ٽيڪنالاجي سلوشنز، انوويشن ۽ ڪنيڪٽيويٽي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان ۾ ڊيوائس مينوفيڪچرنگ فيڪٽري، فائبرائ??يش?? فيڪٽري ۽ ڊيٽا سينٽرز قائم ڪرڻ جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي.