اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ٻاهرئين سيڙپڪاري ۾ اضافي ج?? لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي ۽ چيني ڪمپني ايم سي سي ٽونگسن ريسورسز پاڪستان ۾ معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي ج?? شعبي ۾ پنهنجي سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي ج?? اظهار ڪيو آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم محمد شهباز شريف سان چين جي ڪمپني ايم سي سي ٽونگسن ريسورسز جي وفد چيئرمين وانگ جائي چينگ جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزيرن احد خان چيما، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، راڻا تنوير حسين، ڄام ڪمال خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. چيني ڪمپني پاڪستان ۾ معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي ج?? شعبي ۾ پنهنجي سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي ج?? اظهار ڪيو، جيڪو و??ير??عظم شهباز شريف جي قيادت ۾ ٻاهرئين سيڙپڪارن جي اعتماد جو مظهر آهي. ڪمپني پاڪستان ۾ منرل پارڪ ٺاهڻ جي حوالي سان و??ير??عظم کي تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ وڌيڪ سيڙپڪاري ج?? منصوبي کان آگاهه ڪيو. و??ير??عظم چيني ڪمپني ج?? آجيان ڪئي ۽ چيو ته حڪومت ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري ج?? اضافي ج?? لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. و??ير??عظم چيو ته چين پاڪستان جو پراڻو دوست ۽ ترقي ۾ اهم حصيدار آهي. چين پاڪستان جي هر ڏکئي وقت ۾ مدد ڪئي ج??هن تي مون سميت پوري قوم چيني قيادت ۽ چيني عوام جي ٿورائتي آهي. و??ير??عظم چيني ڪمپني کي پاڪستان ۾ معدنيات جي شعبي ۾ کاڻين جي کوٽائي کان وٺي برآمدي شين جي تياري ج?? لاءِ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. و??ير??عظم چيو ته پاڪستان جي برآمدات ۾ اضافي ج?? لاءِ معدنيات ڪڍڻ، ان جي پراسيسنگ ۽ ان جي مصنوعات کي برآمد ڪرڻ جي لاءِ سيڙپڪاري کي مڪمل سهولت ڏني ويندي. و??ير??عظم لاڳاپيل وفاقي وزيرن ۽ آفيسرن کي ??يني ڪمپني سان مشاورت جي هدايت ڪئي. و??ير??عظم مشاورتي عمل ۾ بلوچستان جي وڏي وزير ۽ صوبي ج?? لاڳاپيل ادارن ۽ ڌرين کي شامل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.