اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف آئرلينڊ جي حڪومت پاران فلسطين جي رياست کي تسليم ڪرڻ جي تازي فيصلي کي ساراهيندي چيو آهي ته اهو فيصلو معصوم فلسطينين جي لاءِ اميد ۽ يڪجهتي جو پيغام ڏيندو. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم محمد شهباز شريف ۽ جمهوريه آئرلينڊ جي و??ير??عظم سائمن هيرس جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو. و??ير??عظم ائرلينڊ جي و??ير??عظم کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سندس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. و??ير??عظم اميد ظا??ر ڪئي ته هو پنهنجي ملڪ ۽ عوام جي ت??قي ۽ خوشحالي ۾ اهم ??رد??ر ادا ڪندو. و??ير??عظم آئرلينڊ پاران فلسطين جي رياست کي تسليم ڪرڻ جي تازي فيصلي تي آئرش حڪومت جي فيصلي کي ساراهيو. هن چيو ته آئرلينڊ جو اهو فيصلو انهن معصوم فلسطينين جي لاءِ اميد ۽ يڪجهتي جو پيغام ڏيندو جيڪي اسرائيل جي وحشياڻي ظلمن جو شڪار آهن ۽ فلسطين ڪاز کي فروغ ڏيڻ ۾ پڻ اهم ??رد??ر ادا ڪندو. هن اميد ظا??ر ڪئي ته آئرلينڊ جو اهو فيصلو ٻين ملڪن تي به اهڙا فيصلا ڪرڻ جي لاءِ دٻاءُ جو سبب بڻجندو. و??ير??عظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان سدائين ان ڳالهه جي وڪالت ڪئي آهي ته گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن موجب ٻه رياستي حل ئي وچ اوڀر ۾ پائيدار امن آڻڻ جو واحد رستو آهي. هن فلسطيني عوام جي منصفاڻي جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ آءِ سي جي جي اسرائيل کي غزه ۽ رفح تي حملا بند ڪرڻ جو حڪم ڏيڻ جي فيصلي کي ساراهيو. هن ان اميد جو به اظهار ڪيو ته ڪشمير جي مظلوم عوام کي به عالمي برادري پاران اهڙي طرح جو ڌيان ملندو ڇو ته اها به گذريل 7 ڏهاڪن کان وحشياڻي قبضي ۽ بنيادي انساني حقن کان انڪار کي برداشت ڪري رهي آهي. و??ير??عظم سائمن هيرس چيو ته آئرلينڊ ٻين يورپي اتحادين جي مشاورت سان اصولي فيصلو ڪيو آهي ڇو ته غزه ۾ اسرائيل جي فوجي ڪارروائي کي ڪنهن به طرح معاف نه ٿو ڪري سگهجي. آئرلينڊ جي حڪومت محسوس ڪيو ته اهو فيصلو حالتن کي معمول تي آڻڻ کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ضروري آهي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ آئرلينڊ جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي گڏيل خواهش جو اظهار ڪيو. و??ير??عظم پاڪستان ۾ پنهنجو ريزيڊنٽ مشن کولڻ جي آئرلينڊ جي فيصلي کي ساراهيندي چيو ته اهو نئون مشن ڊب??ن ۾ پاڪستان جي مشن سان ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ عوام جي وچ ۾ مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ??رد??ر ادا ڪندو. هن و??ير??عظم سائمن هيرس کي پاڪستان جي سرڪاري دوري ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني.