اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ جي لاءِ شهيدن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪ سان بغاوت ۽ دشمني ڪندڙ سزا کان بچي نه سگهندا، پاڪستان جي جانبازن سدائين دشمن جي اکين ۾ اکيون وجهي جواب ڏنو، 9 مئي تي شهيدن جي وارثن جي دل آزاري، قوم ۽ فوج کي ورهائڻ جي منظم رٿابندي ڪئ?? وئي، ائين ٻيهر ڪڏهن ٿيڻ نه ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات واري وزارت جي اهتمام هيٺ شهيدن ۽ انهن جي خاندانن سان يڪجهتي جي اظهار جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم ??يو ته شهيدن جي وارثن جي وچ ۾ هجڻ فخر جي ??الهه آهي، شهيدن دليري ۽ ??رئ?? سان ملڪ جي حفاظت ۽ قوم جي ٻارن جي لاءِ راتين جو سرحدن تي پهرا ڏنا ۽ رات ۾ سمهندڙ لکين ٻارن جي حفاظت جي لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون، انهن پنهنجي ٻارن کي يتيم ڪري لکين ٻارن کي يتيم ٿيڻ کان بچايو، توهان جي عظمت کي پوري قوم سلام پيش ڪري ٿي، توهان جي ??رئ?? ۽ بهادري کي تاريخ سدائين ياد رکندي. هن چيو ته ميجر منيب افضل شهيد جي والد پنهنجي پٽ، مسز ڪرنل عابد شهيد ڪوئيٽا ۾ پنهنجي مڙس جي شهادت، مسز ميجر اڪبر اعواڻ ۽ ٻين شهيدن جي وارثن انهن جي ??رئ?? ۽ ڪردار جي تاريخ بيان ڪئ?? ته انهن ڪهڙي طرح دشمن جو مقابلو ڪيو، انهن کي ختم ڪيو، الله تعاليٰ کي انهن جوانن جي شهادت منظور هئي. هن چيو ته شهيد پوري قوم جا هيرو آهن، انهن پنهنجي رت سان ملڪ جي حفاظت ڪئ??، پوري قوم اڄ پنهنجي شهيدن ۽ غازين کي اهڙن لفظن ۾ ياد ڪري رهي آهي جيڪي سنهري لفظن ۾ به ليا وڃن ته انهن جي داستان جي تاريخ بيان نه ٿا ڪري سگهن. وزيراعظم ??يو ته 2019ع ۾ دشمن هڪ ڀيرو ٻيهر لڪي وار ڪرڻ جي ??وشش ڪئ?? ته پاڪستان جي هوابازن انهن جي اکين ۾ اکيون وجهي اهو جواب ڏنو جنهن سان انهن کي اڳتي اهڙي حرڪت ڪرڻ جي ??رئ?? نه ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان انهن سپوتن جي ??ري قائم آهي، پاڪستان پاڻ کي جيڪو عالمي دنيا ۾ مڃرايو آهي، اهو انهن ئي عظيم شهيدن ۽ غازين جي ??ري مڃرايو آهي، ڀلي سيالڪوٽ ۾ ٽينڪن جي جنگ هجي يا دهشتگردن جو ديوانه وار تعاقب هجي يا انهن کي جهنم پهچائڻ جي لاءِ وڃڻ هجي يا ٻوڏ دوران ڪنهن جي جان بچائڻ هجي ته اهي ئي جوان اڳتي نظر اچن ٿا، پاڪستان ۾ جنگ، امن، طوفان، ٻوڏ يا ڪا مشڪل هجي ته اهي ئي شهيد ۽ غازي ملڪ جي حفاظت جي لاءِ سڀ کان اڳتي نظر اچن ٿا، اهي بهادري ۽ ??رئ?? جا داستان آهن. شهباز شريف چيو ته بيهوده حربن جي ذريعي ڪنڌ جهُڪائڻ جي ??وشش ڪئ?? وڃي، شهيدن جي وارثن جي دلين کي تڪليف پهچائڻ جي ??ڌي ڪوشش ڪئ?? وڃي، شهيدن جي قبرن جي بي حرمتي ڪئ?? وڃي ۽ اهي ادارا جيڪي پاڪستان جي سلامتي جي علامت آهن انهن جي تذليل ڪئ?? وڃي ته 25 ڪروڙ عوام اهڙيون حرڪتون برداشت نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته 9 مئي جي سانحي ۾ جن ماڻهن جو ڪو ڪردار نه آهي انهن کي ڪير هٿ نه ٿو لڳائي سگهي، 9 مئي 2023ع تي رياست جي خلاف بغاوت ڪئ?? وئي، منظم منصوبابندي ڪئ?? وئي، ذميوارن کي هر صورت ۾ ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو ۽ انهن کي قانون موجب سزا ملندي ته جيئن جيستائين دنيا رهندي ڪير ائين سوچڻ جي ??رئ?? نه ڪري سگهي. هن چيو ته شهيدن جا وارث اطمينان رکن 9 مئي سانحي ۾ ملوث ڪردارن جي خلاف قانون موجب فيصلا ٿيندا، دوست بڻجي ملڪ دشمني ڪندڙ بچي نه سگهندا. هن چيو ته عظيم شهيدن کي سلام پيش ڪريان ٿو، پاڪ فوج جي شهيدن جي وارثن جي ??لائي ۽ تعليم جو انتظام مثالي آهي، اهڙو انتظام ٻين ادارن ۾ به هجڻ گهرجي. وزيراعظم ??يو ته 9 مئي جي ??ينهن اسان جي شهيدن جي ??هرڀاتين جي دلين تي قيامت گذري، اسان توهان جي ??ک ۾ برابر جا شريڪ آهيون ۽ اڄ اهو وچن ڪريون ٿا ته جهڙي طرح 9 مئي تي توهان جي دلين کي ٺيس پهتو ائين ٻيهر نه ٿيڻ ڏينداسين، هي ڏينهن ملڪي تاريخ ۾ ڪڏهن به نه ايندو، 9 مئي تي هر محب وطن روئڻهارڪو هو، دوست نما دشمن جي دل سرشار هئي، حملي آورن ۽ انهن جي سرپرستن اڄ تائين رياست، قوم حالانڪه شهيدن جي ??هرڀاتين کان به معافي ناهي ورتي، اهو ثبوت ۽ گواهي آهي ته اهو سياسي عمل نه پر بغاوت جو منظم منصوبو هو، واعدو ڪريان ٿو ته پاڪ فوج شهيدن جي وارثن جي خوشحالي، ٻارن جي علاج ۽ تعليم جي لاءِ شاندار قدمن ۾ حڪومت هر طرح سان شريڪ هوندي، قانون ۽ انصاف پنهنجو رستو اختيار ڪندو. هن چيو ته شهيدن جي وارثن جي عظيم قربانين کي ساراهڻ جي لاءِ لفظ گهٽ آهن، سمورا شرڪت ڪندڙ بيهي انهن جي لاءِ تاڙيون وڄائين جنهن تي شرڪت ڪندڙن بيهي شهيدن ۽ انهن جي وارثن جي لاءِ تاڙيون وڄايون. تقريب دوران ڳالهائيندي شهيدن جي وارثن 9 مئي جي ذميوارن کي قانون جي ??ٽهڙي ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪيو. تقريب ۾ وفاقي وزيرن، اعليٰ فوجي عملدارن، رٽائرڊ سول ۽ فوجي آفيسرن ۽ شهيدن جي ??هرڀاتين جي وڏي انگ شرڪت ڪئ??. ان موقعي تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ هڪ نغمو پڻ جاري ڪيو ويو. تقريب جا شرڪت ڪندڙ شهيدن جي وارثن جي ??الهه ٻولهه ٻڌي روئڻهارڪا ٿي ويا.