اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري گلگت بلتستان ۾ پن ??جلي جي بي پناهه صلاحيت کي ترقي جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته قدرتي وسيلن کي علائقي جي معاشي خوشحالي جي لاءِ مڪمل طور تي ترقي ڏيڻي پوندي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار گلگت بلتست??ن جي گورنر سيد مهدي شاهه ۽ وڏي وزير گلبر خان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته گلگت بلتستان کي معدنيات ۽ جواهرات جهڙن بي پناهه قدرتي وسيلن سان نوازيو ويو آهي. ملاقات ۾ صدر کي گلگت بلتستان حڪومت جي ترقياتي منصوبن بابت آگاهه ڪيو ويو. کيس گلگت بلتست??ن جي عوام کي درپيش مختلف مسئلن خاص طور تي تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي گهٽتائي ۽ بيروزگاري بابت ٻڌايو ويو. گورنر ۽ وڏي وزير صدر کي گلگت بلتست??ن جي دوري ۽ گلگت بلتستان اسيمبلي کي خطاب ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. صدر آصف علي زرداري گلگت بلتست??ن جي نوجوانن جي تربيت ۽ هنرمندي جي لاءِ پروگرام شر??ع ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته نوجوانن کي مارڪيٽ جي طلب موجب قابل قدر صلاح??تن سان ليس ڪيو وڃي. صدر چيو ته علائقي ۾ جامع ۽ پائيدار ترقي جي فروغ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. هن چيو ته گلگت بلتست??ن جي خودڪفالت جي لاءِ مقامي ڪاروبار ۽ معاشي سرگرمين کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. صدر چيو ته گلگت بلتستان ۾ بنيادي ڍانچي جي ترقي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ خطي جي تعليم ۽ صحت جي شعبي کي ملڪ جي ٻين علائقن جي برابر آڻڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو.