اسلام آباد – 05 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا ملاقات ڪئي ??نهن ۾ هن صدر کي پاڪستان جي صدر جو عهدو سنڀالڻ تي ??بارڪباد ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات دوران چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي صدر کي ملڪي سيڪيورٽي صورتحال، هٿياربند فوج جي آپريشنل ??يا??ين بابت ٻڌايو ته هٿياربند فوج اندروني ۽ ٻاهرئين سيڪيورٽي چئلينجز کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي. صدر ??ومي سرحدن جي دفاع، ملڪي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ هٿياربند فوج جي ڪردار کي ساراهي. صدر چيو ته پورو اعتماد آهي ته سيڪيورٽي فورسز اندروني ۽ ٻاهرئين سيڪيورٽي چئلينجز تي ڪاميابي سان ضابطو آڻي وٺندي. ملاقات ۾ دهشتگردي جي لعنت کي قوم جي تعاون سان پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو ويو.