ڪراچي – 11 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري شاهه نوراني روڊ تي زائرين جي گاڏي کي پيش ايندڙ حادثي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. بلاول هائوس پاران جاري پڌرائي موجب صدر حادثي ۾ قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن سو??وار خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ وارثن جي لاءِ صبر جم??ل ??ي دعا ڪئي. صدر چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ منهنجون همدرديون زائرين جي پونئيرن سان گڏ آ??ن. ??در حادثي جي زخمين جي جلد صحت??اب?? لاءِ دعا ڪئي.