اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ کي درپيش سمورن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مضبوط معيشت اهم حيثيت رکي ٿي. هن اها ڳالهه نيول هيڊڪوارٽرز جي دوري دوران ڪئي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم محمد شهباز شريف وفاقي ??زي??ن سان گڏ نيول هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو، پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف ??زي??اعظم جو استقبال ڪيو ۽ ??زي??اعظم کي پاڪ بحريه جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. ??زي??اعظم شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ بعد ۾ نيول هيڊڪوارٽرز جي پرنسپل اسٽاف آفيسر سان سندس تعارف ڪرايو ويو. ملاقات دوران علائقائي سامونڊي سلامتي سان لاڳاپيل معاملن ۽ پاڪ بحريه جي آپريشنل تيارين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. امير البحر ??زي??اعظم کي پاڪ بحريه جي ڪردار، صلاحيتن ۽ مستقبل ۾ جدت آڻڻ جي منصوبن کان آگاهه ڪيو. بعد ?? ڊپٽي چيف آف نيول اسٽاف (آپريشنز) پاران موجوده سامونڊي صورتحال، پاڪ بحريه کي درپيش چئلينجز ۽ انهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪ بحريه جي ردعمل بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ??زي??اعظم کي خاص طور تي ميري ٽائيم شعبي ۾ ملڪ کي درپيش موجوده ۽ مستقبل جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪ بحريه جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ ضرورتن بابت آگاهه ڪيو ويو. ان کي ميري ٽائيم سيڪٽر جي معاشي ??مڪانن مان فائدو کڻڻ جي قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. ??زي??اعظم محدود وسيلن جي باوجود ملڪ جي سامونڊي مفادن جي تحفظ جي لاءِ پاڪ بحريه جي خدمتن کي ساراهيو. هن نيول ايئربيس تربت تي تازي دهشتگرد حملي کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ پاڪ بحريه جي پيشيواراڻي ردعمل کي خاص طور تي ساراهيو. ??زي??اعظم زور ڏئي چيو ته ملڪ کي درپيش سمورن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مضبوط معيشت اهم حيثيت رکي ٿي. آخر ۾و زيراعظم پاڪ بحريه جي ڪمانڊ آپريشن سينٽر جو دورو پڻ ڪيو. نيول چيف ??زي??اعظم جي دوري ۽ بحريه تي اعتماد جو اظهار ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. هني قين ڏياريو ته پاڪ بحريه الله سبحان الله تعاليٰ جي مدد سان ملڪ جي سامونڊي سرحدن ۽ سامونڊي مفادن جو دفاع جاري رکندي ۽ امن 7 جنگ ٻنهي جي ذميوارين کي بهترين انداز ۾ نڀائيندي.