اسلام آباد- 06 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز چيو آهي ته نگران حڪومت پنهنجون ذميواريون بهتر نموني ??ان نڀائيندي ۽ پُرامن ۽ شفاف چونڊن تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ 12 ڪروڙ کان وڌيڪ ووٽر پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪندا. سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ـ گهرو سيڪريٽري اڪبر دراني ??ان پريس ڪانفرنس ڪندي گوهر اعجاز چيو ته سنڌ اندر چونڊن جون تياريون زور شور ??ان جاري آهن، جيڪي پارٽيون اليڪشن ۾ چونڊ وڙهي رهيون آهن اهي وڏي عرصي کان هڪٻئي کي ڄاڻن ٿيون. سيڪيورٽي ادارا ۽ انتظاميه موجود آ??ي، ڪوبه قانون کي پنهنجي هٿ ۾ نٿو ڪري سگهي. بلوچستان جي رپورٽ پنهنجي اليڪشن سيل مان ورتي، ا??ان کي انهن فورسز مان خطرو آهي جيڪي ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ چاهيون ٿيون. سيڪيورٽيءَ لاءِ ا??ان جي پوليس انهن پُٺيان آرمڊ فورسز آهن، ا??ان جي آرمي جا ٽرينڊ ڪمانڊوز بلوچستان ۾ موجود هوندا. هن چيو ته ا??ان کي باجوڙ واقعي تي به تمام گهڻي تڪليف ٿي، ا??ان کي ڊيڄارڻ لاءِ سڄي چُرپر ڪئي پئي وڃي. پاڪستان جو نالو ۽ عزت ا??ان ۽ ميڊيا جي هٿ ۾ آ??ي، 25 ڪروڙ عوام جي امانت ميڊيا وٽ آ??ي، نيت صاف هجي ته الله پاڪ سرخرو ڪندو آهي. نگران حڪومت جو ڪم سڀني آڏو آهي. گوهر اعجاز وڌيڪ چيو ته 44 هزار پولنگ اسٽيشنن کي نارمل ڊڪليئر ڪيو ويو آهي ۽ 20985 پولنگ اسٽيشنن کي حساس ۽ 16766 پولنگ اسٽيشنن کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي. 2018ع ۾ مختلف واقعن ۾ 666 فوتگيون ٿيون آهن. ڪوشش آهي ته ان ڀيري ڪو جاني نقصان نه ٿئي. سندس چوڻ هو ته 3 قسمن جي سطح تي سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي. سڄي ملڪ ۾ 90777 پولنگ اسٽيشنون آهن، هر پولنگ اسٽيشن تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۾ گهٽ ۾ گهٽ انگ 7 کان 8 فردن تي ٻَڌل هوندو. چونڊ واري ڏينهن ٽين ليول تي سيڪيورٽي لڳائي ويندي. پاڪ فوج جا جٿا ڪيو آر ايف طور مقرر هوندا. ا??ان کي اميد ناهي پر يقين آهي ??ه هي اليڪشن صاف شفاف ۽ پُرامن طريقي ??ان ڪرائي ويندي. اميد آهي ته ڪي پي ڪي ۾ به عوام اطمينان ??ان پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪندو. ا??ان جا 5 لک 11 هزار پوليس اهلڪار فرنٽ تي بيٺل آهن. هن چيو ڪراچي ۽ بلوچستان جي صورتحال ڏٺي آ??ي، ڪراچيءَ جو واقعو به تمام افسوسناڪ هو، بلوچستان ۾ دهشتگرد رڳو پاڪستان جو نالو خراب ڪري رهيا آهن. هڪ هينڊ گرنيڊ اُڇلائي چون ٿا ته پاڪستان ۾ امن جي فضا ٺيڪ ناهي. سنڌ ۾ اهڙي صورتحال نظر نٿي اچي، سياسي پارٽين ۾ دشمني هجي، بلوچستان ۾ پولنگ اسٽيشنن وچ ۾ چڱو خاصو مفاصلو آ??ي، صوبي ۾ سمورا اميدوار ذميواريءَ جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته 8 فيبروريءَ تي ٿيندڙ اليڪشن بابت ڪافي افواهون پکيڙيون ويون، آئين تحت هي ملڪ چونڊيل نمائندا ئي هلائيندا. هن چيو ??ه هاڻي تائين ڪنهن به هنڌ تي موبائل يا انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ جو فيصلو ناهي ڪيو ويو. جيڪڏهن سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکي ڪنهن ضلعي يا صوبي جي درخواست آئي ته انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ تي به غور ڪيو ويندو.