اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ خصوصي ماڻهن جي مل??زم?? جي ڪوٽا تي عملدرآمد بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ انساني حقن واري وزارت جي سيڪريٽري، فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي سيڪريٽري ۽ اسٽيبلشم??نٽ ڊويزن جي اسپيشل سيڪريٽري سميت اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي معذور ماڻهن جي مالي خودمختياري جي لاءِ حڪومتي سطح تي مل??زم?? جي ڪوٽا تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سرڪاري ادارا معذور ماڻهن جي لاءِ موزون مل??زم??ن جي نشاندهي ڪن، افرادي قوت ۾ خصوصي ماڻهن جي شموليت وڌائڻ جي لاءِ هنر موجب نوڪريون ڏنيون وڃن. صدر خصوصي ماڻهن کي معاشري جو فعال ميمبر بڻائڻ ت?? زور ڏيندي چيو ته خصوصي ماڻهو پاڪستان جي آبادي جو اٽڪل 12 سيڪڙو حصو آهن. ڪوٽا جهڙي مثبت قدمن سان مل??زم??ن ۾ موجود رڪاوٽون ختم ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. هن چيو ته معذور ماڻهن کي قابل قدر مهارتن سان ليس ڪرڻو پوندو. خصوصي ماڻهن جي معذوري جي نوعيت ۽ شدت موجب مل??زم??ون ڏيڻ، ممڪن آجرن سان ملائڻ جي ضرورت آهي. صدر خصوصي ماڻهن پاران معاشرتي روين ۾ تبديلي جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته نجي اسڪول معذور ماڻهن جي ٻارن کي داخلا ڏين، نجي اسڪول معذور ماڻهن جي جامع تعليم جي لاءِ قدم کڻن. فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي سيڪريٽري جي اجلاس کي معذور ماڻهن جي سهولت لاءِ قدمن تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته خصوصي ماڻهو سي ايس ايس جي سمورن گروپس جي لاءِ امتحانن ۾ شرڪت جا اهل آهن. ڪميشن امتحانن دوران خصوصي ماڻهن کي اضافي وقت ۽ لکت ۾ تعاون فراهم ڪري رهي آهي. خصوصي ماڻهن کي مقابلي جي امتحان ۾ قاعدن تحت عمر جي مٿئين حد ۾ 2 سالن جي ڇوٽ ڏني پئي وڃي. هن چيو ته اسٽيبلشم??نٽ ڊويزن سمورين وزارتن، ڊويزنن، کاتن ۾ 2 سيڪڙو مل??زم??ن جي ڪوٽا کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور طريقي سان ڪم ڪري رهي آهي. سرڪاري شعبي ۾ خصوصي ماڻهن جي مل??زم??ن جي ڪوٽا لاڳو ڪرڻ ۾ رڪاوٽن ۽ مشڪلاتن جي نشاندهي ڪئي وڃي. صدر معذور ماڻهن جي حقن جي لاءِ وزارتن جي تعاون کي ساراهيو.