اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مسلم ڪمرشل بئنڪ پاران بئنڪنگ محتسب جي ??يصلي جي خلاف اپيل رد ڪندي متاثر شخص کي 30 لک رپيا واپس ۽ ذميوار بئنڪ اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي. ايوان صدر جي ??ريس ونگ موجب محمد منير احمد وغيره (شڪايت ڪندڙ) جو بئنڪ جي گوجره روڊ برانچ ۾ گڏيل اڪائونٽ هو، مارچ 2021ع ۾ اڪائونٽ بيلنس ۾ تمام وڏي گهٽتائي نظر آئي، 39 لک کان وڌيڪ ماليت جون 292 ڊپازٽ سلپس اڪائونٽ ۾ جمع ئي نه ڪيون ويون، شڪايت ڪندڙ وٽ بئنڪ عملدارن جون صحيح ٿيل ۽ ٺپو لڳل ڊپازٽ سلپس موجود هيون، صارف شڪايت جي ازالي جي ??اءِ بئنڪ سان رابطو ڪيو پر بئنڪ دعويٰ رد ڪري ڇڏي. صارف شڪايت جي ازالي لاءِ بئنڪنگ محتسب سان رابطو ڪيو. بئنڪنگ محتسب جو صارف جي حق ۾ فيصلو اچڻ تي بئنڪ صدر کي درخواست ڪئي. صدر ايوان صدر ۾ ڪيس جي ذ??تي ٻڌڻي ڪئي ۽ بئنڪ جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو. صدر مسلم ڪمرشل بئنڪ فراڊ ۾ ملوث گوجره روڊ جهنگ برانچ جي بدعنوان اهلڪارن جي خلاف انڪوائري ڪري ملوث عملي جي خلاف ايف آءِ آر سميت فوجداري ڪارروائي شروع ڪرڻ ۽ متاثر ڌر کي 30 لک رپيا ادا ڪرڻ جي ??دايت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته رڳو هڪ چانهه واري تي فراڊ جي ذميواري وجهڻ کل جوڳي آهي، بئنڪ عملي جي ??لي ڀڳت کانسواءِ بئنڪنگ ضابطي جي خلاف ورزي ممڪن نه آهي.